سي ايم سيڪريٽريٽ ۽ لينڊ يوٽيلائزيشن ملازمن لاءِ 150 ايڪڙ زمين الاٽ

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ سرڪار پاران وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ ۽ لينڊ يوٽيلائزيشن کاتي جي ملازمن لاءِ رهائشي منصوبي تحت 150 ايڪڙ زمين الاٽ ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، 100 ايڪڙ زمين ديهه بڪرانو مان ۽ 50 ايڪڙ ديهه شاهه مريد، ضلعي ملير ڪراچي / مان الاٽ ڪئي ويندي، ذريعن موجب ارشد جماني، صدر وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ ۽ لينڊ يوٽيلائزيشن ايمپلائيز هائوسنگ پروجيڪٽ، پاران 4 آگسٽ 2022ع تي وزيراعليٰ سنڌ کي هڪ درخواست نمبر ذريعي 500 ايڪڙ زمين رهائشي منصوبي لاءِ الاٽ ڪرڻ جي درخواست ڏني وئي هئي، جيڪا کاتي جي ملازمن جي فائدي لاءِ هئي، وزيراعليٰ سنڌ طرفان چيف منسٽر سيڪريٽريٽ جي خط ذريعي ضروري ڪارروائي لاءِ حڪم جاري ڪيا ويا، ڊپٽي ڪمشنر ملير ضلعي پاران 18 نومبر 2022ع تي مختيارڪار تعلقي بن قاسم، ملير ڪراچي جي رپورٽ موڪلي وئي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته ديهه بڪرانو مان 100 ايڪڙ سرڪاري زمين موجود آهي، جيڪا روڊ سامهون هجڻ سبب اي ون ڪيٽيگري ۾ اچي ٿي، ان کان علاوه، مختيارڪار تعلقي شاهه مريد، ملير ڪراچي پنهنجي خط ۾ 17 جولاءِ 2007ع تي ڄاڻايو هو ته ديهه نارا ٿر مان 50 ايڪڙ زمين دستياب آهي جيڪا پڻ اي ون ڪيٽيگري ۾ شامل آهي، موڪليل خط ۾ ڊسٽرڪٽ پرائس فڪسيشن ڪميٽي ملير جي اجلاس جي ڪارروائي موڪلي وئي، جنهن ۾ زمين جي قيمت مقرر ڪئي وئي، ديهه بڪرانو (اي ڪيٽيگري) ۾ في ايڪڙ قيمت 5 ڪروڙ رپيا مقرر ڪئي وئي، ديهه نارا ٿر (اي ڪيٽيگري) ۾ في ايڪڙ قيمت 50 لک رپيا مقرر ڪئي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.