پاڪستان کي چين، روس، ايران، آمريڪا سان لاڳاپن ۾ توازن لاءِ محتاط رهڻو پوندو

اسلام آباد/لاهور (معظم فخر) پاڪستان جي ٽنهي اهم فوجي سربراهن جا پرڏيهه جا دورا جاري آهن جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف سعودي عرب جي دوري تي روانو ٿي رهيو آهي، جنهن سان گڏ ئي علائقائي صورتحال نئون رخ اختيار ڪري رهي آهي. فيلڊ مارشل سيد عاصم منير مصر جي دوري تي آهي، جتي هو مصر جي قيادت سان ملاقاتون ڪري  رهيو آهي. مصر غزا ۾ اسلامي ملڪن ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ٿيندڙ امن معاهدي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. ان دوري کي وچ اوڀر ۾ امن ۽ پاڪستان جي دفاعي لاڳاپن جي حوالي سان انتهائي اهم قرار ڏنو پيو وڃي. پاڪ فضائيا جو سربراهه ايئر مارشل ظهير احمد بابر سڌو رومانيا جي دوري تي آهي جتي هو دفاعي سهڪار ۽ تربيت بابت ڳالهين ۾ مصروف آهي، جڏهن ته بحريا جو سربراهه ايڊمرل نويد اشرف آمريڪا ۾ آهي جتي جديد دفاعي سامان جي خريد بابت ڳالهيون ٿي رهيون آهن. انهيءَ وقت جڏهن پاڪستان جي سياسي ۽ فوجي قيادت ملڪ کان ٻاهر آهي، ڀارت سرحدن تي فوجي مشقون ڪري رهيو آهي ۽ پاڪستان کي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. رپورٽ موجب ڀارتي بچاءَ واري وزيرِ راج ناٿ سنگهه سرحدي علائقي ۾ ٽن ڏينهن تائين فوجي سرگرمين ۾ مصروف رهيو ۽ ڪراچي سميت پاڪستان جي شهرن کي نشانو بڻائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون. ان پسمنظر ۾ وزيراعظم شهباز شريف جو سعودي عرب جو دورو به انتهائي اهميت رکي ٿو، جتي کيس سعودي ولي عهد محمد بن سلمان دعوت ڏني آهي. ايندڙ مهيني سعودي بادشاهه محمد بن سلمان آمريڪا جو دورو ڪندو. فائنانشل ٽائمز جي رپورٽ موجب، امڪان آهي ته سعودي عرب آمريڪا سان هڪ اهم دفاعي معاهدي تي صحيحون ڪري، جنهن تحت سعودي عرب تي حملو آمريڪا تي حملو سمجهيو ويندو. سعودي شهزادي پاران آمريڪا جي دوري کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف کي دعوت ڏني وئي آهي، خواهش ظاهر ڪئي وئي ته فيلڊ مارشل به ساڻس گڏ هجي. ذريعن موجب شهباز شريف جي دوري جو مقصد اهو به ٿي سگهي ٿو ته سعودي قيادت پاڪستان کي ان امڪاني معاهدي بابت اعتماد ۾ وٺڻ چاهي ٿي. مبصرن جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي هاڻي چين، روس، ايران ۽ آمريڪا سان پنهنجا لاڳاپا توازن ۾ رکڻ لاءِ وڌيڪ محتاط سفارتي حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي، جيئن دفاعي ۽ معاشي توازن برقرار رهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.