ڪراچي(رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽيرينز جي مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات شازيه مري چيو ته وفاقي حڪومت اسان کي خدشا ختم ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي آهي. اسان ملڪ ۾ وڌيڪ مسئلا پيدا ڪرڻ نٿا چاهيون۔ جمعي جي ڏينهن هتي هڪ پريس ڪانفرنس دوران خطاب ڪندي هن چيو ته پوليو وائرس اسان جي ٻارن جو وڏو دشمن آهي. سڄي سنڌ ۾ پوليو خلاف عملي قدم کنيا پيا وڃن، بدقسمتي سان اڄ به پاڪستان ۾ پوليو جا ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن. هن سنڌ جي وڏي وزير جي ساراهه ڪندي چيو ته هن پوليو مهم کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ميڊيا مالڪن کي خط لکي سهڪار جي اپيل ڪئي آهي. زراعت بابت ڳالهائيندي شازيا مري چيو ته جيڪڏهن پاڪستان جو هاري مضبوط هوندو ته پاڪستان مضبوط ٿيندو، زراعت ملڪ جي ريڙهه جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي۔ صدر آصف علي زرداري هميشه چيو آهي ته زراعت کي مضبوط ڪرڻو آهي. جيڪڏهن اڄ هارين تي ڌيان نه ڏنو ويو ته نقصان ڪنهن حڪومت جو نه پر ملڪ جو ٿيندو. شازيه مري چيو ته چيئرمين بلاول جي ڪوششن سان حڪومت هن سال ڪڻڪ جي خريداري جي اجازت ڏني ۽ امدادي اگهه به منظور ڪيو، جيتوڻيڪ اهو اسان جي مطالبي کان 500 رپيا گهٽ آهي، پر پوءِ به هارين لاءِ ڪنهن حد تائين رليف آهي۔ هن وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي جي مطالبي تي هن سال انڪم ٽيڪس کي 45 سيڪڙو کان گهٽائي 15 سيڪڙو ڪيو ويو آهي.شازيه مري چيو ته اهو بلڪل درست آهي ته (ن) ليگ سان معاهدو ٿيو هو ته پي ايس ڊي پي گڏجي تيار ڪنداسين، پر جيڪڏهن بند ڪمرن ۾ پي ايس ڊي پي ٺاهبي ته اها ناانصافي ٿيندي۔ وفاقي حڪومت خدشا دور ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي ۽ اسان نٿا چاهيون ته ملڪ ۾ وڌيڪ مسئلا وڌن۔ ھڪ سوال جي جواب ۾ شازيه مري چيو ته هڪ سياسي ڪارڪن طور هوءَ ڪنهن به سياسي جماعت تي پابندي جي حامي نه آهي، پر جيڪڏهن ڪا سياسي جماعت قومي مفاد کي نقصان پهچائي ته ان خلاف قانوني ڪارروائي ٿي سگهي ٿي. شازيه مري وڌيڪ چيو ته حڪومت سازي وقت اسان سان ڪيترائي واعدا ڪيا ويا هئا جيڪي اڄ تائين پورا نه ٿيا، ان وقت اهو به طئي ٿيو هو ته پي ايس ڊي پي ٺاهيندي اسان کي اعتماد ۾ ورتو ويندو، پر ائين نه ٿيو۔ ھن چيو ته اسان سڀني کي گڏجي غربت ۽ مهانگائي خلاف جنگ وڙهڻي پوندي۔ ملڪ هن وقت دهشتگردي سميت ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي.
پشاور (م ڊ) گورنر پنجاب سردار سليم حيدر چيو آهي ته ڪي پي جي وزيراعليٰ سهيل آفريدي کي باني پي ٽي آءِ سان ملڻ ڏيڻ گهرجي، اهڙن معاملن ۾ انڪار ڪرڻ مفت ۾ هيرو بڻجڻ واري ڳالهه آهي. پيپلز پارٽي ۽ (ن) ليگ جا ورڪرز هڪ ٻئي کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناهن.خانگي ٽي وي گورنر هائوس پشاور ۾ خيبر پختونخوا جي پنهنجي هم منصب سان ملاقات دوران سردار سليم حيدر چيو ته خيبر پختونخوا سان اسان جو پراڻو تعلق آهي، پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جو چونڊن کان پوءِ اتحاد ٿيو، 18 مهينن جو حڪومت جو تجربو به مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي گڏجي ڪيو هو، 18 مهينن ۾ جيڪي ڳالهيون طئي ٿيون هيون، اهي مڪمل نٿيون ٿي سگهيون، وزيراعظم ملاقات ۾ بلاول سان واعدن تي عمل نه ٿيڻ جو اعتراف ڪيو .هن ڀيري پهرين معاهدي تي دستخط ڪيا ويا ۽ پوءِ حڪومت ٺاهي وئي، جيڪڏهن سهيل آفريدي جيل وڃي باني پي ٽي آءِ سان ملن ٿا ته ڪو آسمان نه ڪرندو ۽ قيامت نه ايندي.