بڊاڻي لڳ ڪار تي فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل، 2 ڄڻا زخمي

بڊاڻي (ن ع آ) بڊاڻي ۾ مياڻي ٿاڻي جي حد ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل ۽ ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا. ڳوٺ ميوو ڀٽو لنڪ روڊ تي ڏنڱر برادري جي معزز عبدالغفار ڏنڱر جي ڪار تي هٿياربندن فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو، جڏهن ته ڊاڪٽر  عبدالغفار ڏنڱر ۽ ڪار ڊرائيور اقبال احمد ڇڄڻ سخت زخمي ٿي پيا. زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ بخشاپور اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان کين وڌيڪ علاج لاءِ رحيم يار خان منتقل ڪيو ويو آهي. شروعاتي اطلاع موجب، ڊاڪٽر عبدالغفار ڏنڱر پنهنجي دوست جي شادي تي وڃي رهيو هو ته رستي ۾ شر برادري جي هٿياربندن حملو ڪيو. پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.