اڄ اھو 17 آڪٽوبر وارو ڏھاڙو بربريت جي ياد تازي ڪندي خونريزي جا نقش اڀاري وري به آيو آهي جيڪو سنڌ جي تاريخ ۾ هميشه سياهه ترين غم ۽ غصي جي علامت بڻجي موٽندو آهي ۽ 1984ع جو اهو ڏينهن جڏهن رياستي ادارن پاران ناحق قھر ڪندي پرامن سنجيده شاگرد سياست جي قومي سورمن مٿان ٽوڙھي ڦاٽڪ تي بنا ڪنهن جواز جي گولين جو مينھن وسائي کين بي گناهه شھيد ڪيو ويو ۽ اها ريٽي رت سان وھنجاريل خوني واردات جيڪا جديد قومپرستيءَ جي فڪر تي هڪ سڌو ڀيانڪ حملو هو ۽ رياستي جبر جو بدترين مثال ثابت ٿي.
جيتوڻيڪ ٽوڙھي جو برپا ٿيل سانحو نه صرف هڪ المناڪ قھري واردات هئي پر اهو سنڌ جي سياسي شعور ۽ فڪري وابستگي جي به هڪ وڏي گواھي پڻ ڏئي ٿو ۽ اهو اڻ وسرندڙ ڏينهن ان ڪري به يادگار آهي جو هن سانحي ۾ جن ڳڀرو نوجوانن پنهنجون حياتيون قربان ڪيون اهي سائين جي ايم سيد جا فڪري سچا پيروڪار هئا جيڪي سنڌ جي قومي حقن لاءِ پرامن جدوجھد ڪري رهيا هئا.
جڏهن ته ٽوڙھي واقعو رونما ٿيڻ کانپوءِ مقتل گاهه بڻيل انھيءَ ڦاٽڪ جو اھو پٿريلو علائقو جيڪو هميشه لاءِ سنڌي قومپرستيءَ جي تاريخ ۾ هڪ مقدس مقام بڻجي چڪو آھي ۽ 17 آڪٽوبر 1984ع تي نڪتل اھا پرامن شاگرد ريلي جيڪا پنهنجي جمهوري حقن ۽ قومي مطالبن جي حق ۾ منزل طرف سفر ڪري رهي هئي ۽ رياستي فورس پاران ان ريليءَ کي بنا ڪنھن جواز جي ناحق روڪيندي واٽ وٺي ويندڙ انھيءَ ۾ شريڪ شاگرد اڳواڻن مٿان سڌي فائرنگ شروع ڪئي وئي جيڪا ڪيل فائرنگ ايتري ته شديد ۽ بي رحماڻي هئي جو ان ۾ ڪيترائي ڳڀرو نوجوان ريٽي رت ۾ وهنجي شھيد ۽ سخت زخمي ٿي پيا هئا.جڏهن ته ان وقت جي ظلم ۽ جبر جو اندازو لڳائڻ ڏکيو ناهي جڏهن انھن بي ھٿيار ۽ پرامن شاگردن مٿان سرڪاري گولين جو مينھن وسائي وڏو المناڪ قھر برپا ڪيو ويو جيڪو ظلم بربريت جو اھو سڄو پلان ڪيل عمل درحقيقت قومي تحريڪ کي خاموش ڪرڻ جي رياستي ڪوشش جو حصو هو جنهن جو مقصد سنڌي نوجوانن جي اندر خوف ۽ مايوسي پيدا ڪرڻ هو پر ان جي ابتڙ ٽوڙھي جي پٿريلي ميدان ۾ وھيل رت جي ڦڙن هن قومي تحريڪ ۾ وڌيڪ اڀار کائڻ وارو فولادي روح ڦوڪيندي نئين زندگي بخشي ڇڏي.
ٽوڙھي جي انھن امر ڪردار شھيدن جن پنھنجي ريٽي رت جي گلاب سان سنڌ جي جيڪا انقلابي تاريخ لکي آھي سا ھميشه سونھري ورقن ۾ زنده جاويد ئي رھندي ۽ ٽوڙھي سانحي جي انھيءَ قھري خوني واردات ۾ جن ڳڀرو قومي اڳواڻن کي بيدرديءَ سان شهيد ڪيو ويو تن جا اڻ وسرندڙ نالا جيڪي سنڌي قوم جي دلين ۾ هميشه نقش اڀاري گونجندا ئي رھندا ۽ جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ انھن قومي شھيدن مان اھو ھڪ دڙي شھر واسي شھيد ذڪريا ميمڻ جيڪو سنجيده ۽ سرگرم شاگرد اڳواڻ طور انھيءَ نڪتل پرامن قافلي جي اڳواڻي ڪندڙن منجهان ھو ۽ اھو شھيد مالڪ خشڪ جيڪو قومي حقن لاءِ قرباني ڏيندڙ هڪ ٻيو بھادر جوان ھو ۽ شھيد اھو امان الله وسطڙو جيڪو نوجوانن جي اندر شعور پيدا ڪندڙ هڪ سرگرم قومي ڪارڪن ھو ڇوٿون اھو شھيد مٺو بليدي جنهن پنهنجي جان ڏئي قومي فڪر سان وفاداري جو ثبوت ڏنو ۽ مقتل گاهه بڻيل ٽوڙھي جو اھو پنجون امر ڪردار شھيد انور عباسي جيڪو پڻ سنڌ پرستيءَ واري قومي مقصد تان ھڪ انچ به پوئتي نه ھٽندي پنھنجو پاڻ ملھائي ويو. اهي سڀ ڳڀرو شاگرد اڳواڻ جيڪي سنڌ جي قومي تحريڪ جو روشن مستقبل هئا جن کي رياستي ادارن طرفان هڪ ئي برپا ڪيل خوني واردات ۾ ابدي ننڊ سمھاريو ويو جن جي ٿيل شهادت اڄ به ان ڳالهه جي شاھدي ڏي ٿي ته سنڌ جي ماڻهن پنهنجي حقن لاءِ ڪيڏي وڏي قرباني ڏني آهي.
17 آڪٽوبر تي سنڌي قوم جي زخمي ٿيل سيني تي جيڪي به ظلم ستم وارا اذيتناڪ ڏنڀ ڏنا ويا سي اڄ ھن ٽوڙھي سانحي کي 41 ورھيه گذرڻ باوجود به انھن سنڌي ماڻهن جي چچريل دلين تي اھي زخم ساڳيا تازا توانا بڻيل آھن. اڄ جڏهن اسين هن بدترين رياستي دهشتگرديءَ واري سانحي کي ياد ڪري رهيا آهيون ته ان طويل ڏهاڪن دوران ايترو وڏو عرصو گذرڻ باوجود به ستم ظريف تاريخ اها آهي ته ٽوڙھي جي هن المناڪ خوني واردات ۾ بي گناهه شهيد ڪيلن جي ناحق وھيل خون سان ڪو انصاف ئي نه ٿي سگھيو آھي.
جڏهن ته ناانصافي جي هيءَ ڊگھي خاموشي ان درد ۽ غصي کي اڃا به وڌيڪ اڀاري ٿي جيڪو ٽوڙھي سانحي سبب سنڌي قوم جي دلين ۾ پيدا ٿيو هو ۽ شهيدن جو وھيل اھو خوشبودار سرخ گلاب جيڪو اڃا تائين انصاف جي طلب ڪري رهيو آهي ۽ اها طلب جيڪا وقت گذرڻ سان گڏ گهٽجڻ بدران شديد ٿي رهي آهي ۽ اھو ٽوڙھي سانحو سنڌي قومپرست شاگرد سياست جي تاريخ ۾ هڪ اڻ وسرندڙ يادگار ۽ جبر خلاف مزاحمت جي علامت بڻجي چڪو آهي ۽ جيستائين انصاف نٿو ملي تيستائين اها المناڪ واردات هميشه لاءِ سنڌ جي قومي شعور جو حصو بڻجي سجاڳي واري قومي لھر اڀاري ھر ٿيل ناانصافي خلاف ڪروڌ ۽ ڪاوڙ کي وڌيڪ مچائيندي ئي رھندي.