سنڌ جي زمين ”سرڪار“ جي نه ”سنڌي قوم“ جي آهي

افغانستان سان پاڪستان جي تازن خراب ٿيل لاڳاپن ۽ جنگي ڇڪتاڻ کان پوءِ سنڌ سميت سڄي ملڪ اندر افغان وسندين ۾ آپريشن ڪري سندن گهر پٽ ڪيا پيا وڃن پر ان معاملي ۾ اهو به ڏسڻ گهرجي ته سُڪن سان گڏ ساون جي ڀيل نه ٿئي. رپورٽون آهن ته ڪراچي جي سهراب ڳوٺ ۾ 40 سالن کان قائم افغان بستي کي ڊاهڻ لاءِ ضلعي انتظاميا پوليس، رينجرز ۽ ملير ڊيولپمنٽ اٿارٽي جي مدد سان وڏو آپريشن ڪيو آهي جنهن خلاف قبضا مافيا مزاحمت پڻ ڪئي. ان افغان بستي ۾ لڳ ڀڳ 14 هزار ماڻهو رهائش پذير هئا جن مان هاڻي 1300 ماڻهو باقي رهيا آهن. آپريشن کان پوءِ علائقي کي مڪمل سيڪيورٽي لاءِ سيل ڪيو ويو آهي. انڪروچيمنٽ سيل موجب افغان بستي جي زمين ملير اٿارٽي جي ملڪيت آهي جيڪا سندن حوالي ڪئي ويندي.

هوڏانهن افغان بستي بلڊوز ڪرڻ واري آپريشن ۽ پوءِ واري اڳڀرائي بابت عوامي راڄ تحريڪ جي سربراهه سيد خليل احمد شاهه ۽ ٻين هڪ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته افغان بستي خالي ٿيڻ بعد جڏهن سنڌ سرڪار کي خبر پئي ته اتي سنڌي ماڻهو آباد ٿي رهيا آهن ته پوليس تڏهن آپريشن ڪيو ۽ وارننگ ڏيڻ بجاءِ ڳوٺ ۾  ويٺل عورتن کي ٻاهر ڪڍيو ويو. مزاحمت  تي سنڌين تي پوليس  تشدد به ڪيو ۽ ڏهن ڄڻن  کي گرفتار ڪيو. هن چيو ته چاليهه سالن کان جڏهن اتي غير قانوني طور تي افغاني آباد ٿيل هيا ته انهن خلاف ڪڏهن اهڙي ڪارروائي نه ڪئي وئي پر جڏهن ويو ته هاڻي اتي سنڌي آباد ٿي رهيا آهن  ته حڪومت اتي آپريشن ڪيو آهي. هن چيو ته هاڻي به ڪراچي جي مدينه ڪالوني، مڇهر ڪالوني سميت مختلف هنڌن تي افغانين جون غير قانوني وسنديون آهن پر سنڌ سرڪار انهن خلاف ڪا ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.

اسان عوامي راڄ  تحريڪ جي ان نوجوان اڳواڻ خليل احمد شاهه جي موقف سان متفق آهيون، اها المياتي حقيقت آهي ته جنهن به زمين جي ٽڪري تي ڌرتي ڌڻي سنڌ واسي ويجهي ڪو ڳوٺڙو اڏيندا آهن يا ڪا وسندي ٺاهيندا آهن ته اهو عمل غير قانوني بڻجي ويندو آهي ٻين ڌارين سان اهڙي جٺ ڀلي نه ٿيندي هجي پر سنڌين سان ڪراچي جي پسگردائي ۾ اهڙا ڪلور روز جو معمول هوندا آهن. ڪراچي ۾ سنڌي ماڻهو جنهن به زمين تي  ويهي ڪو ڳوٺ آباد ڪندو آهي ته سنڌ حڪومت فوري طور ڪارروائي ڪري کين اٿاري چوندي آهي ته اها سرڪار جي زمين آهي يا اها زمين پهرين ئي الاٽ ٿيل آهي. جڏهن ته ڌاريا جيڪي حقيقي معنيٰ ۾ غير قانوني طور زمينون حاصل ڪري ڳوٺ ٺاهين ٿا ڪالونيون اڏين ٿا يا آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ عمارتون ٺاهين ٿا، ڪالونيون اڏين ٿا ته اهي ناجائز هوندي به جائز بڻجي وينديون آهن.

جڏهن ته روينيو جي قانون موجب مقامي ماڻهو ڪنهن به سرڪاري زمين تي پنهنجو گهر يا ڳوٺ ٺاهي سگهي ٿو ۽  پوءِ روينيو ڊپارٽمنيٽ ان کي ان جو قانوني  مالڪاڻو حق  ڏيڻ جو پابند  هوندو آهي پر اهو ته بلڪل به ممڪن ناهي ته روينيو ڊپارٽمينٽ ڪنهن غير مقامي ماڻهو يا ڌارئي کي سڌو سنئون سرڪاري زمين تي پنهنجو گهر، ڳوٺ يا ڪالوني وغيره ٺاهڻ جي اجازت ڏئي پر ڪراچي ۾ روينيو ڊپارٽمينٽ شايد  ابتي قانون ۽ نظام تي هلي رهيو آهي.  اهو وري هتي ڌارين کي ته سرڪاري زمينن جا مالڪاڻا حق خوشي سان ڏيندو رهيو آهي پر مقامي ماڻهن ڌرتي واسي سنڌين کي  ”قبضا گير“ سمجهي ڪري انتظاميا سندن اجهن ۽ ڳوٺن کي بلڊوز ڪندي  رهي آهي.

سو سنڌ حڪومت جو اهو رويو هر لحاظ کان مذمت جوڳو آهي ته اها سنڌ ڌرتي تي سنڌي قوم کي ”قبضا گير“ سمجهي ٿي. جيستائين معاملو آهي  سرڪاري زمينن جو ته سوال اهو آهي ته سرڪار کي پاڻ ڪنهن بڻايو  آهي يا ڪنهن چونڊيو آهي. ڇا سنڌ ۾ پ پ حڪومت کي ڌارين افغانين اڪثريت سان ووٽ ڏئي هر چونڊ ۾ ڪامياب ڪيو  آهي جو اهي ڪراچي جي جنهن به زمين تي ويهي ڪالوني يا ڪا وسندي ٿا ٺاهين ته اها زمين افغانين جي ٿي وڃي ٿي پر جيڪڏهن ساڳي پلاٽ  تي سنڌي ڪا ڪالوني ٿا ٺاهين ته اها غير  قانوني بڻجي ٿي وڃي. اها ڪيڏي نه حيرت جي ڳالهه آهي ته سرڪاري زمين تي چالهين سالن کان افغان بستي ٺهيل آهي ته اها سندن  ٿي وڃي پر ان ئي پلاٽ تي سنڌي ماڻهو اچي ويهن ٿا ته ان کي سرڪاري زمين قرار ڏئي کين اٿاريو وڃي ٿو. گهٽ ۾ گهٽ سنڌ حڪومت کي صوبي واسين جي حق ۾ بيهڻ گهرجي ۽ سندن سنڌ تي مالڪي جو حق تسليم ڪرڻ گهرجي.

اسان کي اهو به سمجهه ۾ ناهي ايندو ته ٻيون سياسي يا مذهبي جماعتون  پنهنجن ووٽرن جو هر لحاظ کان خيال ڪنديون  آهن پر پ پ واحد سياسي جماعت آهي جيڪا پنهنجن ووٽرن کي ئي بيدردي سان نظرانداز ڪندي آهي. جڏهن ته پ پ جي ووٽ بينڪ جي به اهائي تقاضا آهي ته اها ڪراچي ۾ پنهنجن ووٽرن کي وڌ کان وڌ رهائڻ جا انتظام ڪري پر سنڌين جي اها وڏي بدقسمتي رهي آهي ته اهي پنهنجي ڌرتي تي به ننڌڪڻ وانگر بنا حڪومت جي ٽيڪ تي جي رهيا آهن.جڏهن ته پ پ جا ڪجهه اڳواڻ دعويٰ به ڪندا رهيا آهن ته انهن کان وڏو قومپرست ڪو ٿي ئي نٿو سگهي پر عملي صورتحال ان جي ابتڙ آهي جنهن جو وڏو مثال افغاني  بستي جو آهي جتي 40 سالن کان رهندڙ افغاني سنڌ حڪومت  لاءِ مئسلو نه هيا  پر اتي سنڌين جو اچي رهڻ کين ڏکيو ٿو لڳي ۽ فوري آپريشن ڪري کين اتان اٿاريو ويو آهي جيڪي ڪراچي ۾ سندن ووٽرن ئي هجن ها.

ٻئي پاسي پنجاب جي خاتون وزيراعليٰ مريم نواز کي ڏسو اها ڪيئن نه بلند آواز ۾ چئي رهي آهي ته مان پنجاب جي وزيراعليٰ آهيان سو پنجاب ۽ پنجابي قوم جي حقن جي ڳالهه ڇو نه ڪندس. ائين سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه کي به وڏي واڪي چوڻ گهرجي ته مان سنڌ ۽ سنڌي قوم جي اڪثريتي ووٽن سان چونڊجي آيل وڏو وزير آهيان. سو اسان ڪراچي ۾ سنڌين جي آبادڪاري جو نه سوچينداسين ته ڪير سوچيندو پر افسوس ته سنڌ حڪومت سنڌين جي حقن بدران ڌارين جي حقن جي محافظ بڻيل آهي. اها ڌارين کي ته ڪراچي ۾ آباد ڪرڻ جي حق ۾ آهي پر سنڌين جي ڪراچي ۾ رهڻ تي هميشه ارهي آهي.  بهرحال سنڌ حڪومت ان غلط فهمي ۾ نه رهي ته سنڌ جي زمين ”سرڪاري“  آهي، اها اصل ۾ سنڌي قوم جي آهي ان ڪري ان تي پهريون ۽ آخري حق سنڌين جو آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.