ٽي ايل پي وارن دهشت گردن کي آزاد ڪرڻ جو شرط رکيو هو:وفاقي حڪومت

اسلام آباد (بيورو/م ڊ)  اطلاعات واري وفاقي وزير عطا تارڙ، گهرو وزير محسن نقوي ۽ مذهبي معاملن واري وزير سردار محمد يوسف چيو آهي ته تحريڪ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) سان احتجاج کان اڳ آخري لمحن تائين ڳالهيون جاري رهيون، پر هو دهشتگردن جي آزاديءَ تي ضد ڪري رهيا هئا۔ گهرو وزير موجب ٽي ايل پي جا اڳواڻ رات دير تائين سرڪاري ٽيم سان  ويٺل هئا، پر هر ڀيري سندن شرطون وڌنديون ويون ۽ آخر ۾ دهشتگردن جي آزادي جو مطالبو ڪيو ويو. هن چيو ته احتجاج فلسطيني مسئلي تي نه پر پنهنجو ضد مڙهڻ لاءِ هو، ۽ تشدد رڳو انهن تي ٿيو جن هٿيار کنيا هئا. عطا تارڙ چيو ته جڏهن فلسطيني پاڻ جنگبندي تي خوش آهن ته ٽي ايل پي کي هٿيار کڻي نڪرڻ جو ڪو جواز نه هو. سردار محمد يوسف چيو ته حڪومت فلسطيني امن لاءِ ڪامياب ڪردار ادا ڪيو، اڄ عالم سڳورا فلسطين ۾ ٿيل جنگ بندي تي شڪر جو اظهار ڪندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.