لاوارث بڻيل سکر بئراج !

غلام حسين لغاري

سنڌ جي ٻين کاتن جيان آبپاشي کاتو به پنهنجي افاديت وڃائي ويٺو آهي جنهن کي ڪرپٽ ۽ نااهل انجنيئرن ۽ ڪامورن يرغمال بڻائي ڇڏيو آهي۔ سندن  پنهنجي ڌرتي، کاتي ۽ پيشي سان ڪا به وفاداري نظر اچي ٿي جنهن سان سمجهي سگهجي ته اهي بيراج کي تباهي کان بچائڻ لاءِ ڪا سنجيده ڪوشش ڪندا.هن وقت تائين آبپاشي کاتي جا انجنيئر ۽ ڪامورا عوام جي ٽيڪس ۽ فلاح لاءِ کنيل قرضن مان اربين روپين جا نوان منصوبا ٺاهي، سکر بيراج جي بحاليءَ جي نالي تي ڪرپشن ڪندا رهيا آهن۔اهي سياسي ڀوتارن جا منشي بڻجي پنهنجو پاڻ به اربين روپين جون ملڪيتون ٺاهي ويٺا آهن پر سنڌ جي هن انتهائي اهم بئراج لاء کين ڪو به اونو ناهي نتيجو اهو نڪتو آهي ته سنڌ جا ڪئنال ۽ شاخون پاڻي جي سخت قلت سبب وقت سر فصل پوکجي نٿا سگهجن.سکر بيراج ۽ سنڌ جي آبپاشي نظام کي سونا آنا ڏيندڙ ڪڪڙ سمجهن ٿا. ڪڏهن به سکر بيراج جي تباهيءَ جي اصل سببن ڏانهن ڌيان نه ٿا ڏين ۽ نه ئي بيراج جي حقيقي بحالي سندن ڪنهن منشور ۾ شامل آهي.موجوده آبپاشي کاتي جي قيادت، جنهن ۾ سيڪريٽري، چيف انجنيئر ۽ سپريٽنڊنٽ انجنيئر شامل آهن جن لاء اهو چئوٻول آهي ته اهي کاتي ۾ غيرقانوني ڀرتيءَ سان آيل آهن. انهن جي ڀرتي صرف ٻن سالن لاءِ اسيسمينٽ آفيسر طور ٿي ٿي هئي، پر سياسي وابستگين جي بنياد تي کين مستقل ڪري اسسٽنٽ ايگزيڪيٽو انجنيئر ايريگيشن مقرر ڪيو ويو.سياسي وفاداريءَ سبب آبپاشي کاتو اڄ تباهه حالت ۾ آهي.سکر بيراج جي 66 دروازن مان 40 دروازا واريءَ جي جمع ٿيڻ، ناقص مٽيريل ۽ سار سنڀال جي کوٽ سبب کلڻ جي قابل ناهن، ۽ باقي 26 جي به حالت سٺي ناهي.درياهه ۾ ٺهيل لوپ بند قدرتي وهڪري کي روڪين ٿا، جنهن سان گنجائش گهٽجي وڃي ٿي ۽ بندن تي غيرمعمولي دٻاءُ اچي ٿو۔درياهه ڪناري ٻيلن کي وڏي پيماني تي ڪٽي زرعي آباديءَ لاءِ استعمال ڪيو ويو آهي، جنهن سان قدرتي حفاظتي بفر ختم ٿي ويا آهن۔ آمري/قاضي احمد ۽ لاڙڪاڻو/خيرپور جهڙيون پليون غلط جڳهن تي، خراب ڊزائن ۽ ننڍڙي سائيز سان ٺهيل آهن، جيڪي وهڪري کي وڌيڪ روڪين ٿيون۔خريف جي پوک درياهه جي فعال علائقي ۾ ڪئي وڃي ٿي، جنهن لاءِ زرعي بند ٺاهيا وڃن ٿا، جيڪي قدرتي وهڪري کي وڌيڪ روڪين ٿا۔

درياهه جي پيٽ ۾ ٺهيل ڳوٺن لاءِ پڪا لنڪ روڊ ٺاهيا ويا آهن، جيڪي لوپ بندن وانگر ڪم ڪري ٻوڏ جي پاڻيءَ کي پکڙجڻ کان روڪين ٿا۔ اهي سڀ سبب رڳو آبپاشي کاتي جي نه، پر سڄي سنڌ حڪومت جي گڏيل نااهلي جو نتيجو آهن. الله نه ڪري، جيڪڏهن مستقبل ۾ ڪا وڏي ٻوڏ اچي ۽ سکر بيراج ٽٽي پوي ته سنڌ کي ريگستان ٿيڻ کي الله  کان سواءِ ٻيو ڪو بچائي نه سگهندو. ان جو ننڍڙو نمونو سنڌ 2010 جي ٻوڏ ۾ ڏسي چڪي آهي. ان وقت موجوده سيڪريٽري ئي سکر بيراج جو ايگزيڪيٽو انجنيئر هو ۽ 66 مان 45 دروازا کولڻ کان قاصر رهيا. نتيجي ۾ درياهه بند ٽوڙي پنهنجي پراڻي رستي وسيل منڇر ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪيو.آبپاشي کاتي جي نااهليءَ جو وڏو ثبوت اهو آهي ته اڄ تائين هو 18 صديءَ ۾ لکيل ايريگيشن مينول تي هلن ٿا، جڏهن ته هر سال ڪروڙين روپيا خرچ ڪري "جديد ٽريننگ” جي نالي ۾ پرڏيهي دورا ڪن ٿا. پر سنڌ جي آبپاشي نظام کي ڪوبه فائدو نه ٿو ملي. جيڪڏهن جديد ٽيڪنالاجي، استعمال ڪري بندن کي محفوظ بڻائجي ته مستقبل ۾ گھڻن تباهين کان بچي سگھجي ٿو، پر اهڙي جدت سندن ڪرپشن جا 75 سيڪڙو ذريعا ختم ڪري ڇڏيندي، تنهنڪري هو پراڻي طريقي کي ئي قائم رکڻ ۾ دلچسپي رکن ٿا۔

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ ۾ آبپاشي نظام کي بهتر ۽ موثر بنائڻ واري حڪمت عملي تيار ڪئي وڃي کاتي جي ڪرپٽ ڪامورن ۽ انجنيئرن تي ڀاڙن بدران ساک وارن ڏيهي ۽ پرڏيهي آبپاشي ماهرن جون خدمتون ورتيون وڃن ۽ سکر بئراج جي ناقص ڪمزور دروازن جي بحالي لاءِ اپاءُ ورتا وڃن۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.