سروائيڪل ڪينسر ۽ ان کان بچاءُ جي ويڪسين خلاف ٿيندڙ سازش

ڊاڪٽر ڪامران اعواڻ

پاڪستان ۾ سروائيڪل ڪينسر جي صورتحال خطرناڪ  ٿي وئي آهي، ڇاڪاڻ ته ان جي بچاءُ واري ويڪسين جي شروع ڪيل پهرين مرحلي کي غلط معلومات جي ڪري تمام گهڻو نقصان پهتو آهي. جيتوڻيڪ ان بيماري کي روڪڻ يا ان جي خاتمي لاءِ ڪيترائي علاج به دريافت ٿي ويا آهن، پر ان جي باوجود ان سروائيڪل ڪينسر ۾ ڪيتريون ئي عورتون موت جو کاڄ بڻجي رهيون آهن. ان جو بنيادي سبب صحت جي سسٽم ۾ اسڪريننگ ۽ بچاءُ جي قدمن (ويڪسين) جي ڪوريج ۾ وڏو خال آهي. عالمي ادارا ۽ حڪومت ان مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ هاڻي HPV ويڪسين شروع ڪرڻ جي تياري ڪري رهيا آهن. ملڪ جي پهرين ايڇ پي وي ويڪسين جي مهم جو مقصد 10 ملين ڇوڪرين کي اها ويڪسين هڻڻ هو، پر جڏهن ٽارگيٽ وارا ڏينهن پورا ٿيا ته اهي اڌ جيتريون به استعمال نه ٿي سگهيون.

پنجانوي سيڪڙو ڪيسن ۾ سروائيڪل ڪينسر انساني پيپيلوما وائرس (HPV) جي مسلسل انفيڪشن جي ڪري ٿيندو آهي، هڪ وائرس جيڪو جنسي سرگرمين ذريعي پکڙجي ٿو ۽ تقريبن هر ڪنهن کي پنهنجي زندگي ۾ ڪنهن نه ڪنهن موقعي تي متاثر ڪري ٿو.ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن (ڊبليو ايڇ او) پاران منظور ٿيل ايڇ پي وي ويڪسين سروائيڪل ڪينسر جي خلاف هڪ محفوظ ۽ سائنسي بنيادن تي تحفظ آهي ۽ 150 کان وڌيڪ ملڪن ۾ زندگيون بچائڻ جي هڪ ڊگهي تاريخ رکي ٿي.سروائيڪل ڪينسر گهٽ ۽ وچولي آمدني وارن ملڪن ۾ خاص طور تي هڪ موتمار بيماري آهي، يونيسيف جو اندازو آهي ته پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ هر سال هن بيماري ۾ مبتلا لڳ ڀڳ 5,000 عورتن مان ٽيون حصو هن بيماري سبب فوت ٿي ويندو آهي. جيتوڻيڪ اهو انگ گهٽ رپورٽ ڪيو ويندو آهي. اهو بيماري بابت آگاهي جي وڏي کوٽ، جنسي صحت بابت بحث جي کوٽ، ۽ خراب اسڪريننگ ۽ علاج جي سهولتن جي ڪري اهو ٿي رهيو آهي. يورپي ڪميشن جي ترجمان جو چوڻ آهي ته جتي HPV ويڪسين تمام گهڻي اثرائتي رهي آهي، 2020 ۾، يورپي يونين جي سڀني 27 ملڪن ۾ لڳ ڀڳ 30,000 عورتن ۾ هن بيماري جي تشخيص ٿي، جن مان لڳ ڀڳ ٽيون حصو فوت ٿي ويون آهن، ان ڪري اسان اها ويڪسين ڪري رهيا آهيون.پاڪستان ۽ افغانستان انهن ٻن ملڪن ۾ شامل آهن، جتي پوليو عام آهي. پاڪستان ۾غلط معلومات ۽ سازشي نظرين جي نتيجي ۾ ويڪسين جي خلاف مسلسل مزاحمت آهي.2023 ۾ پهريون ڀيرو پوليو جي ڪيسن کان سواءِ هڪ سال گذرڻ کان پوءِ، مفلوج ڪندڙ بيماري ٻيهر ظاهر ٿي آهي، 2025 ۾ هاڻي تائين 27 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

سرويڪل ڪينسر ڇا آهي؟

سروائيڪل ڪينسر (رحم جي ڳچيءَ جو ڪينسر) اهو آهي جيڪو سروِڪس جي سيلز (خُلّين) ۾ شروع ٿيندو آهي.سروِڪس رحم (بچي داني) جو هيٺيون، تنگ حصو آهي، جيڪو (Vagina) سان ڳنڍيل هوندو آهي.هيءُ عام طور تي وقت سان گڏ آهستي آهستي وڌندو آهي، ۽ پهرين غير معمولي تبديليون (Pre-Cancerous Changes) ٿينديون آهن، جيڪي پوءِ ڪينسر بڻجي سگهن ٿيون. تقريباً سڀئي (99٪ کان وڌيڪ) سروائيڪل ڪينسر هڪ وائرس جي ڪري ٿيندا آهن جنهن کي هيومن پيپيلوما وائرس (Human Papillomavirus – HPV) چئبو آهي. طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته HPV هڪ عام وائرس آهي، جيڪو جنسي رابطي ذريعي پکڙجي ٿو. وائرس جا ڪجهه قسم خطري وارا (High-Risk) هوندا آهن جيڪي ڪينسر جو سبب بڻجن ٿا. ان جي عام علامتن بابت ٻڌايو ويو آهي ته ابتدائي اسٽيج ۾ ڪا به خاص علامت ظاهر نه ٿي ٿئي، پر وڌڻ تي هيٺيون علامتون ٿي سگهن ٿيون. ويجينا مان غير معمولي رت وهڻ، حيض جي وچ ۾، جنسي ميلاپ (Intercourse) کان پوءِ، يا مِينوپاز (Menopause) کان پوءِ.غير معمولي رطوبت (Vaginal Discharge) پاڻي جهڙي، رت سان گڏ، يا بدبودار رطوبت.جنسي ميلاپ دوران سور (Pain during Intercourse).هيٺين پيٽ يا پيڙهِي ۾ سور شامل آهي پر انهن معاملن کي گهڻي حد تائين روڪي به سگهجي ٿو. ان ويڪسين سان 9 کان 14 سالن جي ڇوڪرين کي ويڪسين ڏيڻ سان HPV انفڪشن ۽ ڪينسر جو خطرو گهٽجي ويندو آهي.

سروائيڪل ڪينسر دنيا جي گھٽ ۽ وچولي آمدني وارن ملڪن (Low- and Middle-Income Countries – LMICs) ۾ وڌيڪ آهي. سب سهارا آفريڪا (Sub-Saharan Africa) سڀ کان وڌيڪ متاثر آهي.مرڪزي ۽ ڏکڻ آمريڪا (Central and South America).ڏکڻ ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا (South and South-East Asia). سڀ کان وڌيڪ شرح وارا ملڪ (Highest Incidence Rates – ASR) ايسواتيني، زيمبيا. مالاوي، زمبابوي، تنزانيا، سڀ کان وڌيڪ ڪيسن وارا ملڪ چين، ڀارت، ۽ انڊونيشيا شامل آهن. ڏکڻ ايشيا ۾ وڌيڪ ڪيس ڀارت ۽ پاڪستان  سميت ٻين ملڪن ۾ نون ڪيسن جو انگ تمام گهڻو آهي.علاج ۽ اسڪريننگ جي سهولتن جي کوٽ سبب هتي موت جي شرح به ڪافي وڌيڪ آهي. عوام ۾ خاص طور تي ڳوٺاڻن علائقن جي عورتن ۾ مرض جي علامتن ۽ بچاءُ بابت تمام گهٽ آگاهي آهي. ڪينسر ۾ درجي جي حساب سان پاڪستاني عورتن ۾ ٽيون (3rd) سڀ کان وڌيڪ عام ڪينسر آهي.15 کان 44 سالن جي عورتن ۾ ٻيون (2nd) سڀ کان وڌيڪ عام ڪينسر آهي.اندازي موجب هر سال تقريباً 5,000 نوان ڪيس سامهون ايندا آهن.هر سال تقريباً 3,000 کان وڌيڪ عورتون هن مرض سبب فوت ٿي وينديون آهن.پاڪستان ۾ سروائيڪل ڪينسر سبب موت جي شرح ڏکڻ ايشيا جي بلند ترين شرحن مان هڪ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.