اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم شهباز شريف افغان طالبان، فتنه الهند ۽ فتنه الخوارج طرفان پاڪ-افغان سرحد تي ٿيندڙ جارحيت تي ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي ۽ ان معاملي تي وفاقي ڪابينا جو اجلاس سڏي ورتو، وزيراعظم ڪُرم سيڪٽر ۾ افغان طالبان جو حملو ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته پاڪ فوج دشمن کي ڀرپور جواب ڏنو آهي، ملڪ جي سالميت جو هر صورت ۾ دفاع ڪيو ويندو، سندس چوڻ هو ته افغانستان جي زمين جو پاڪستان خلاف دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ انتهائي افسوسناڪ عمل آهي، وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ ٿيندو، جنهن ۾ افغان طالبان ۽ هندستاني ڏڦيڙين جي حرڪتن سميت ملڪ جي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي غور ڪيو ويندو، وزيراعظم ڪابينا کي پنهنجي مصر جي دوري ۽ غزا امن اجلاس ۾ پاڪستان جي ڪردار بابت به آگاهه ڪندو.