اسلام آباد (بيورو رپورٽ/م ڊ) افغان طالبان جي درخواست تي پاڪستان جنگبنديءَ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. جڏهن ته پاڪستان جي ڪاررواين ۾ افغان انٽيليجنس چيف مارجڻ جا اطلاع آهن.پرڏيهي کاتي موجب، افغان طالبان رجيم طرفان جنگبنديءَ جي درخواست ڪئي وئي هئي. پرڏيهي کاتي جو چوڻ آهي ته افغان طالبان جي درخواست تي ڪالهه شام ڇهين وڳي کان ايندڙ 48 ڪلاڪن لاءِ عارضي جنگ بندي جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب، سيز فائر تي عملدرآمد شروع ٿي چڪو آهي. پرڏيهي کاتي موجب، ٻه طرفي تعميري ڳالهين ذريعي مسئلن جو هاڪاري حل ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. ذريعن موجب، پاڪستان طرفان افغانستان لاءِ خاص نمائندي محمد صادق ۽ افغانستان طرفان امڪاني طور افغان پرڏيهي وزير وچ ۾ ڳالهيون ٿينديون. پاڪ فوج پاران بلوچستان جي سرحدي ضلعي چمن جي علائقي اسپن بولدڪ ۽ خيبرپختونخوا جي ڪُرم سيڪٽر ۾ افغان طالبان ۽ فتنۃ الخوارج جي حملي کي ناڪام بڻايو ويو، جنهن دوران 45 کان 50 حملي آور ماريا ويا، جڏهن ته جوابي ڪارروائي ۾ ڪيترن ئي چيڪ پوسٽن ۽ ٽينڪن کي به تباهه ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر) طرفان جاري ڪيل بيان موجب، 15 آڪٽوبر 2025 جي صبح جو وقتي طور تي افغان طالبان بلوچستان جي علائقي اسپن بولدڪ ۾ 4 مختلف هنڌن تي حملا ڪيا، جيڪي پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز وڏي همت ۽ مؤثر طريقي سان ناڪام بڻايا. ان دوران 15 کان 20 افغان طالبان مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا. پاڪستان طرفان قنڌار ۽ ڪابل ۾ افغان طالبان ۽ خارجين جي ٿاڪن تي ٽارگيٽيڊ ڪارروائي ڪئي وئي آهي ذريعن موجب بمباري ۾ ملا عبدالحق جي مارجڻ جا اطلاع آهن. سيڪيورٽي ذريعن موجب، شهري آباديءَ کان الڳ سمورا هدف احتياط سان چونڊيا ويا ۽ انهن کي ڪاميابي سان تباهه ڪيو ويو. سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪابل ۾ فتنه الهندستان جي مرڪز ۽ قيادت کي نشانو بڻايو ويو. سيڪيورٽي ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته پاڪ فوج قنڌار ۾ افغان طالبان جي بٽالين هيڊڪوارٽر نمبر 4، 8 ۽ بارڊر بريگيڊ نمبر 5 جي هدفن کي نشانو بڻايو .