اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)دفاع واري وفاقي وزيرخواجا آصف چيو آهي ته ڀارت ۽ افغان طالبان لاءِ الڳ الڳ بندوبست موجود آهن، افغان صورتحال دوران ڀارتي حملي کي مڪمل طور خارج از امڪان قرار نٿو ڏئي سگهجي. پاڪستان ۾ 40 لک افغان موجود آهن؛ جيڪڏهن انهن کي هتي رهڻ ڏنو ويو ته اندروني محاذ پڻ کلي سگهي ٿو.ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته افغان صورتحال تي سعودي عرب ۽ قطر سان رابطا جاري آهن، ۽ ڀارتي حملي کي خارج از امڪان قرار نٿو ڏئي سگهجي. خواجا آصف چيو ته اڄ به 40 لک افغان اسان جي سرزمين تي ويٺا آهن، جن مان گهڻا غيرقانوني طور تي مقيم آهن، اهي ماڻهو وڏين جاين تي پهچي چڪا آهن، ۽ جڏهن انهن جي وفاداريءَ ئي ناهي ته اسان انهن کي ڪيئن رکون؟ جيڪڏهن اسان هتي رکون ته اندروني محاذ پيدا ٿي سگهي ٿو.غزا جي حوالي سان وزير دفاع وڌيڪ چيو ته غزا ۾ پاڪستاني فوج جي موجودگي هجڻ گھرجي ٻئي پاسي خواجا آصف چيو آهي ته جن ماڻهن افغانستان کي اسٽريٽجڪ ڊيبٿ بڻائڻ جو سوچيو هو انهن ڪڏهن افغان نفسيات سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي؟اهي توهان سان مهذب پاڙيسري جيان رهڻ گوارا نٿا ڪن،هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته افغانستان ۾ اسٽريٽجڪ ڊيبٿ توهان کي ڪٿان ملندي؟توهان چاليهه سالن کان چاليهه پنجاهه سال افغان پناهگير پنهنجي ملڪ ۾ رکيا،هتي افغان جنهن ٿانو ۾ کائي رهيا آهن ان ۾ ٿُڪي رهيا آهن،تندور،ٽرانسپورٽ کان وٺي تعميرات جي شعبي ۾ توهان کي افغاني نظر ايندا،اهي اربين کربين رپين جو ڪاروبار ڪن ٿا،هن چيو ته افغانين جي روڊ ٽرانسپورٽ تي قبضي سبب انهن اسان جي ريلوي کي تباهه ڪري ڇڏيو،اسان کي افغانستان سان معاشي لاڳاپا رکڻ گهرجن باقي ڀائپي وارا فلمي ڊائلاگ نه چوڻ گهرجن،افغان جهاد جي ڳالهه ڪندڙ پاڪستان جي نه پنهنجي حڪمراني جو دفاع ڪري رهيا هئا،هو ڏانهن جيو نيوز سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته جيڪا ٽئنڪ افغانستان ڏيکاري رهيو آهي اها اسان وٽ موجود ئي ناهي خبر ناهي ڪنهن ڪٻاڙي کان خريد ڪري ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن، هن چيو ته پاڪ افغان وچ ۾ 48 ڪلاڪن جو سيز فائر ٿيو آهي پر مون کي نٿو لڳي ته اها جنگ بندي برقرار رهندي،هن چيو ته افغان طالبان هن وقت ڀارت جي پراڪسي بڻيل آهن،افغان طالبان جي نيت ئي ناهي ته هتي امن قائم ٿيو،ڀارت جا چمچا به اهو ئي ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن جيڪو ڀارت ڳالهائي مار کائي چڪو آهي، جيڪڏهن انهن جنگ کي وڌايو ته اسان پوري طاقت سان جواب ڏينداسين،هن چيو ته ڪجهه دوست ملڪن جي مداخلت سان 48 ڪلاڪن جي جنگ بندي ٿي آهي،افغانستان سيز فائر جي ڀڃڪڙي ڪندو رهيو ته اسان کي جواب ڏيڻو پوندو،افغان طالبان ۽ پاڪستاني طالبان جي هڪ ئي سوچ آهي،هن وقت ڪابل دهلي جي پراڪسي وڙهي رهيو آهي