ڪراچي(حنيف دوامي)برطانيا مان چوري ٿيل انتهائي قيمتي ڪار سنڌ جي هڪ اڳوڻي وزير جي استعمال ۾ هئڻ جا اطلاع مليا آهن،ان معاملي جي جاچ شروع ٿي ته ڊفينس ۾ واقع اڳوڻي وزير جي گهر مان اها گاڏي پراسرار طور تي غائب ڪرائي وئي آهي،برطانوي پوليس اڳوڻي وزير جي گهر ۾ ٽريڪر ذريعي گاڏي جي موجودگي جي رپورٽ حڪومت کي ڏني هئي،حڪومت کي انٽرپول ذريعي رپورٽ ملي آهي،سنڌ پوليس گاڏي ٽريس ڪري ورتي هئي،پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته اها قيمتي ڪار نان ڪسٽم هئي،ڪروڙين رپيا ماليت جي ڪار پاڪستان ۾ رڳو پنج ڇهه ماڻهن وٽ آهي