ڪراچي(ارباب چانڊيو)لاهور ۾ بلاول هائوس جي سيڪيورٽي واپس ورتي وئي آهي،پنجاب حڪومت پاران ان کنيل قدم جو ڪو به سبب ناهي ڄاڻايو ويو،ان کان اڳ پ پ ۽ ن ليگ وچ ۾ ڇڪتاڻ جي ماحول ۾ ايوان صدر ۾ پ پ ۽ ن ليگ اڳواڻن وچ ۾ اجلاس ٿيو هو جنهن ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي تي اتفاق ڪيو ويو هو،بلاول هائوس ڪراچي جي ذريعن تصديق ڪئي آهي ته بلاول هائوس لاهور جي سيڪيورٽي واپس ورتي وئي آهي،ان قدم مان لڳي رهيو آهي ته پنجاب ۾ ن ليگ جي حڪومت پ پ سان گڏ هلڻ لاءِ تيار ناهي،پ پ جي ذريعن فيصلي تي سخت خدشا ظاهر ڪيا،ٻئي پاسي پنجاب جي وزير عظميٰ بخاري سيڪيورٽي واپس وٺڻ جي ترديد ڪئي آهي.