اسلام آباد (بيورورپورٽ) صدر آصف علي زرداري سان هڪ ئي ڏينهن فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، وزيراعظم شهباز شريف ڌار ڌارملاقات ڪئي، جنهن دوران صدر ۽ فيلڊ مارشل ملڪ جي ٻاهرين ۽ اندروني سيڪيورٽي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، ايوانِ صدر مان جاري ڪيل پڌرائي موجب آرمي چيف سيد عاصم منير جي صدر آصف علي زرداري سان ايوانِ صدر ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات دوران فيلڊ مارشل صدر کي ملڪ جي مجموعي اندروني ۽ ٻاهرين سيڪيورٽي صورتحال بابت بريفنگ ڏني، فيلڊ مارشل صدر کي افغان طالبان حڪومت جي اڳرائين ۽ چڙ ڏياريندڙ ڪارروائين ۽ ان کانپوءِ پيدا ٿيل تازي سيڪيورٽي صورتحال بابت به آگاهه ڪيو، فيلڊ مارشل افغان طالبان حڪومت جي اڳرائيءَ جي جواب ۾ پاڪ فوج جي محتاط ۽ اثرائتي ڪارروائين بابت به آگاهه ڪيو، پڌرائيءَ موجب صدر پاڪ فوج جي قوت، بهادري، صلاحيت ۽ تياريءَ تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو.صدر ملڪ جي سرحدن جي دفاع لاءِ پاڪ فوج جي ڦڙتي ۽ مهارتن جي واکاڻ ڪئي، صدر افغان بارڊر تي سرحد پار حملن جو ترت ۽ پيشيوراڻو جواب ڏيڻ تي پاڪ فوج جي مهارت کي به ساراهيو، صدر جو چوڻ هو ته پاڪستان پنهنجي قومي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي تحفظ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندو. هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف جي صدر آصف زرداري سان ملاقات ٿي، جنهن ۾ قومي اهميت، موجوده سياسي ۽ سيڪيورٽي صورتحال بابت معاملن جو جائزو ورتو ويو. ترجمان ايون صدر مطابق، صدر زرداري سان ٿيل ملاقات دوران وزيراعظم سان گڏ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ وفاقي وزير احسن اقبال پڻ موجود هئا.ترجمان موجب، ملاقات دوران قومي اهميت، موجوده سياسي ۽ سيڪيورٽي صورتحال سان لاڳاپيل معاملن ۽ پاڪستان جي اسٽريٽجڪ معاشي مفادن تي اثرانداز ٿيندڙ تازي علائقائي ۽ عالمي تبديلين جو جائزو ورتو ويو. وزيراعظم شهباز شريف صدر مملڪت کي پنهنجي تازين مصر ۽ ملائيشيا جي دورن بابت، غزه امن جي ڪوششن ۽ عالمي اڳواڻن سان ٿيل ملاقاتن جي باري ۾ آگاهه ڪيو.ترجمان موجب، صدر مملڪت ۽ وزيراعظم جي ون آن ون ملاقات به ٿي، جنهن ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ترجمان ايون صدر جو چوڻ آهي ته صدر مملڪت ۽ وزيراعظم جي ملاقات دوران اهم قومي ترجيحن ۽ حڪومتي پاليسين جي مجموعي رخ تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿي. صدر مملڪت ۽ وزيراعظم قومي اهميت وارن معاملن تي سياسي مشاورت جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. ترجمان مطابق، هن ملاقات دوران رانا ثناءُالله، رانا تنوير حسين، ۽ محسن نقوي به موجود هئا.