ڪراچي (رپورٽر) ملير ندي ۾ سون جا ذرا ملڻ جي افواهن تي عوام جو وڏي انگ سون ڳولڻ لاءِ پهتو، ڪورنگي ڪاز وي جي ويجهو ماڻهن جو وڏو انگ ڪوڏريون ۽ ٻيو کوٽائي وارو سامان کڻي ملير ندي پهتو، جتي ماڻهن زمين کوٽي سون جا ذرا ڳولڻ شروع ڪري ڇڏيا، ندي پهتل ماڻهن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن، جيڪي ندي جي مختلف هنڌن تي سون جي ڳولا ۾ مصروف رهيا، جڏهن ته سوشل ميڊيا تي به انهن منظرن جون ويڊيوز تيزي سان وائرل ٿي رهيون آهن، ملير ندي پهتل ماڻهن جو چوڻ هو ته ندي ۾ سون جا ذرا مليا آهن، ان تي هي سڀ ماڻهو هتي پهتا آهن، وڌيڪ ڳولا جاري آهي.