پشاور(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جو وفد وزيراعليٰ جي چونڊ ۽ تعاون لاءِ جمعيت علماءِ اسلام جي مرڪز پهتو. پي ٽي آءِ جي وفد ۾ جنيد اڪبر، عرفان سليم ۽ ٻيا اڳواڻ شامل هئا.جمعيت علماءِ اسلام جي صوبائي جنرل سيڪريٽري سينيٽر مولانا عطا الحق درويش، مولانا جليل جان ۽ ٻين اڳواڻن پي ٽي آءِ وفد جو استقبال ڪيو.پي ٽي آءِ، جي يو آءِ کان سهيل آفريدي کي وزيراعليٰ چونڊڻ لاءِ سهڪار جي درخواست ڪئي. پي ٽي آءِ خيبرپختونخوا جي صوبائي صدر جنيد اڪبر ٻڌايو ته سومر ڏينهن اسيمبلي جو اجلاس سڏايو پيو وڃي، جنهن ۾ نامزد وزيراعليٰ جي چونڊ ٿيندي. ان سان گڏ، پي ٽي آءِ سهيل آفريدي جي چونڊ لاءِ مخالف ڌر جي جماعتن سان به رابطن جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي. جنيد اڪبر چيو ته هن معاملي تي پاڪستان پيپلز پارٽي، پي ٽي آءِ پارليمنٽرين، ۽ عوامي نيشنل پارٽي سان به رابطا ڪيا ويندا. پي ٽي آءِ جي صوبائي صدر وڌيڪ چيو ته هو باچا خان مرڪز به ويندا. جنيد اڪبر جو چوڻ هو ته اسان جي اسيمبلي ميمبرن سان رابطا ڪري، کين ڌار ڪرڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن، مختلف آڇون به ڏنيون پيون وڃن. جيڪڏهن اسان کي خيبرپختونخوا ۾ اقتدار کان پري رکيو ويو ته پوءِ وفاقي حڪومت کي به هلڻ نه ڏينداسين. ملاقات کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس دوران، جي يو آءِ جي جنرل سيڪريٽري مولانا عطا الحق درويش چيو ته اسان پي ٽي آءِ جي اڳواڻن کي ڀليڪار چئون ٿا. پي ٽي آءِ، وزيراعليٰ جي چونڊ لاءِ اسان کان سهڪار گهريو آهي، ۽ اسان پنهنجي جماعت سان صلاح مشورا ڪري، جواب ڏينداسين.