گولاڙچي ( رپورٽ: عيدن زندپور ) گولاڙچي ۾ سارين جو ريٽ گھٽ رکڻ ۽ رائيس مل مالڪن طرفان موائسچر جي نالي سان ناجائز ڪٽوتين خلاف آبادگار ايڪشن ڪميٽي جو احتجاج شدت اختيار ڪري ويو، ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي احمد راڄو، ترائي، ڪڙيو گھنور، ڪورواھ ۽ ٻين علائقن مان سوين آبادگارن، هارين، پورهيتن ۽ سماجي اڳواڻن گڏ ٿي احتجاجي ريلي ۾ شرڪت ڪئي، ريلي احمد راڄو روڊ کان نڪري شهر جي مختلف رستن تان ٿيندي شهيد فاضل راهو چوڪ پهتي، جتي وڏي انگ ۾ ماڻهن ڌرڻو هڻي ويهي رهيا ۽ سنڌ حڪومت خلاف نعريبازي ڪئي، ڌرڻي دوران ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن امير آزاد پنھور، محمد حسن شاھاڻي، علي مردان شاھ، بيئريسٽر سيد حسن علي شاھ، اصغر نوتڪاڻي، جاکرو نوحاڻي، حسام نظاماڻي، حسين مري، صديق ٻارڻ، مولانا فتح محمد مھيري، ڊاڪٽر رامچند ڪولھي، ناصر مرزا ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته رائيس مل مالڪن آبادگارن سان معاشي ظلم وڌائي ڇڏيو آهي، هڪ منظم طريقي سان مافيا سرگرم آهي جيڪا آبادگارن کي جائز اگهه ڏيڻ بدران ناجائز ڪٽوتي ڪندي سندن خون پسيني جي ڪمائي لٽين پئي، امير آزاد پنھور ۽ ٻين پنهنجي خطاب ۾ چيو ته رائيس ملز مالڪ ڪمنڊ جيان رائيس انڊسٽري کي تباهه ڪري رهيا آهن، جڏهن ته اومني گروپ هاڻي سارين جي مارڪيٽ تي قابض ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن حڪومت ۽ مل مالڪن پاران سارين جو اگهه 4000 رپيا في مڻ مقرر نه ڪيو ويو ته 16 آڪٽوبر تي گولاڙچي تعلقي ۾ مڪمل شٽر بند هڙتال ڪئي ويندي، ٻين اڳواڻن پڻ اعلان ڪيو ته جيڪڏهن آبادگارن جي مطالبن تي عمل نه ٿيو ته احتجاج جو دائرو وڌائي بدين ۽ ڪراچي تائين وڌايو ويندو. اڳواڻن چيو ته لاڙ جو آبادگار هاڻي خاموش نه ويهندو، ڇوته هو سڄو سال محنت ڪري ٿو پر ان جو فصل ناجائز ڪٽوتين ۽ گهٽ اگهن جي ور چڙهي وڃي ٿو، احتجاجي ڌرڻي ۾ سياسي، سماجي ۽ مذهبي اڳواڻن سميت شهرين جي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، شهر جي مرڪزي رستن تي ٽريفڪ جام ٿي وئي، جڏهنته انتظاميا پاران سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا. آبادگار ايڪشن ڪميٽي جو چوڻ آهي ته جيستائين حڪومت آبادگارن کي جائز اگهه نه ڏئي ٿي، تيستائين احتجاجي تحريڪ جاري رهندي.