پشاور (رپورٽ) پاڪستان تحريڪِ انصاف (پي ٽي آءِ ) جي اڳواڻ جنيد اڪبر چيو آهي ته پارٽي قيادت هر صورت ۾ سهيل آفريدي کي خيبرپختونخوا جو نئون وڏو وزير بڻائيندي. هڪ گڏيل پريس ڪانفرنس دوران هن چيو ته جيئن ئي سهيل آفريدي کي وزيراعليٰ نامزد ڪيو ويو، ته سندس ڪردار ڪشي شروع ٿي وئي. اسان شاهدي ڏيون ٿا ته سندس ماضي صاف سٿرو آهي، اسان سهيل آفريدي کي هر صورت وزيراعليٰ بڻائينداسين، پارٽي ساڻس گڏ آهي. هن چيو ته ” مان انهن عنصرن کي خبردار ڪرڻ ٿو چاهيان ته غلط فهمي ۾ نه رهن، اسان 8 فيبروري تي خيبرپختونخوا ۾ پنهنجن ووٽن جو تحفظ ڪيو هو ۽ اسان پنهنجي حڪومت جو تحفظ پڻ يقيني بڻائينداسين، انهي لاءِ اسان هر حد تائين وينداسين. هن چيو ته صوبي ۾ وڏو وزير تبديل ڪرڻ اسان جو آئيني، قانوني ۽ جمهوري حق آهي. صوبي جو مئنڊيٽ اسان وٽ آهي ۽ عمران خان جڏهن چاهي کيس تبديليءَ جو اختيار حاصل آهي. پريس ڪانفرنس دوران پي ٽي آءِ جي اڳواڻن پاڪ فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري جي بيانن تي پڻ ردعمل ڏنو.پي ٽي آءِ اڳواڻ سلمان اڪرم راجا چيو ته ”اِهو چوڻ ته اسان ڪنهن دهشتگرد لاءِ همدردي رکون ٿا، اها غلط بياني آهي. عمران خان صاحب گذريل ٽيهه سالن کان هڪ ئي ڳالهه ڪري رهيو آهي ته رڳو گولا بارود ۽ فوجي طاقت سان توهان دهشتگردي جو دائمي حل نه ٿا ڪڍي سگهو.“ سندس چون هو ته ”دهشتگردي هڪ ڏينهن جي پيداوار ناهي، ان جو الزام ڪنهن هڪ جماعت تي نٿو ڏئي سگهجي.“واضح رهي ته ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري گذريل ڏينهن پشاور ۾ پريس ڪانفرنس دوران چيو هو ته ”خيبرپختونخوا ۾ شدت پسندن جي وڌندڙ ڪاررواين جي هڪ اهم ڪارڻ سياسي ۽ مجرماڻي ڳٺ جوڙ آهي، ۽جيڪڏهن ڪو پارٽي يا فرد سمجهي ٿو ته سندس سياست رياست کان مٿانهين آهي، ته پوءِ اِهو اسان کي قبول ناهي.“