گنڊاپور جي استعيفيٰ وصول:گورنر جو آئيني طريقيڪار تحت استعفيٰ قبول ڪرڻ جو فيصلو

پشاور (م ڊ) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي تصديق ڪئي آهي ته وزيراعليٰ علي امين گنڊاپور جي استعيفيٰ ملي وئي آهي، اطلاعن موجب علي امين گنڊاپور جي استعيفيٰ گورنر خيبرپختونخوا فيصل ڪريم ڪنڊي کي ملي وئي، استعيفيٰ وزيراعليٰ جي بدعنواني جي خاتمي بابت صلاحڪار بريگيڊيئر (ر) مصدق عباسي گورنر هائوس پهچائي، مصدق عباسي استعيفيٰ گورنر هائوس جي ڪيئر ٽيڪر جي حوالي ڪئي، جنهن استعيفيٰ وصول ڪري ان جي رسيد پڻ جاري ڪئي، جڏهن ته رسيد تي 2 لڳي 30 منٽن جو وقت داخل آهي، نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي فيصل ڪريم ڪنڊي ٻڌايو ته وزيراعليٰ جي هٿ سان لکيل استعيفيٰ اڄ ملي آهي، هن چيو ته استعيفيٰ جي قانوني جاچ ۽ آئيني گهرجون پويرون ڪرڻ کان پوءِ ان تي باقاعده عملدرآمد ڪيو ويندو، فيصل ڪريم ڪنڊي جو چوڻ هو ته سندس ليگل ٽيم استعيفيٰ کي قانوني ۽ آئيني نقطن جي لحاظ سان جاچيندي ۽ پوءِ قانوني طريقيڪار موجب فيصلو ڪيو ويندو، علي امين گنڊاپور جي استعيفيٰ ۾ لکيل آهي ته مان تصديق ڪريان ٿو ته مون وفاداري جي بنياد تي بطور وزيراعليٰ استعيفيٰ  ڏني آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.