صحت جو عالمي ادارو:صاف هوا ۾ ساهه کڻڻ هڪ بنيادي انساني حق آهي: ڊاڪٽر داپنگ لو

لاهور(بيورو رپورٽ) گڏيل قومن جي صحت واري عالمي اداري چيو آهي ته  پاڪستان ۾ هر سال اڍائي  لک ماڻهو گدلي هوا سبب فوت ٿين ٿا. لاهور جي ايڪسپو سينٽر ۾ هوا جي گدلاڻ جي مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪوٺايل ڪانفرنس ختم ٿي وئي، جتي خطاب ڪندي عالمي ادارو صحت (ڊبليو ايچ او) جي پاڪستان ۾ نمائندي ڊاڪٽر داپنگ لو چيو ته پاڪستان ۾ هر سال 2 لک 56 هزار ماڻهو هوا جي آلودگي جي ڪري پنهنجي جان وڃائين ٿا.ڊاڪٽر داپنگ لو، جيڪو ڊبليو ايچ او جو پاڪستان ۾ نمائندو آهي، ڪانفرنس جي اٺين ۽ آخري سيشن جي شروعات ڪندي چيو ته صاف هوا ۾ ساهه کڻڻ هڪ بنيادي انساني حق آهي. هن ٻڌايو ته پاڪستان ۾ هر سال 2 لک 56 هزار ماڻهو هوا جي گدلاڻ سبب فوت ٿين ٿا، ۽ هي رڳو انگ نه آهن، پر انهن مان هر  ڪو ڪنهن جو "ڀاءُ، پيءُ، ڀيڻ، ماءُ يا پٽ” آهي، جن جي پنهنجون ڪهاڻيون ۽ خواب هئا.سريلنڪا جي پارليامينٽ جي ميمبر هرشانا راجاکارونا ڪانفرنس جي منتظمين جو شڪريو ادا ڪيو، جن هڪ اهڙي مسئلي تي اجلاس ڪوٺايو، جيڪو هوا وانگر آساني سان سرحدون پار ڪري وٺي ٿو.هن چيو ته سريلنڪا جي ماڻهن کي به گدلاڻ بابت ڳڻتي آهي ۽ اسان جي ماڻهن ڪيترائي واقعا ڏٺا آهن، جتي ناقص مقامي ذريعن ۽ پاڙيسري علائقن مان ايندڙ ڊگهي مفاصلي واري گدلاڻ سبب هوا جي معيار ۾ بگاڙ آيو آهي. خراب هوا جو معيار سراسري عمر کي گهٽائي ٿو، ساهه ۽ دل جي بيمارين جي مريضن جي اسپتال داخلا وڌائي ٿو. آبان مارڪر ڪبراجی چيو ته سنڌو ۽ گنگا ميداني علائقو (Indus-Ganges Plain) دنيا جي انهن علائقن مان هڪ آهي جتي هوا جو معيار تمام خراب آهي، ۽ ان مان پاڪستان، ڀارت ۽ بنگلاديش متاثر ٿين ٿا. هنن چيو ته دنيا جي 99 سيڪڙو آبادي آلوده هوا ۾ ساهه کڻي ٿي، ۽ هوا جي آلودگي سبب هر سال هڪ لک کان وڌيڪ ماڻهو وقت کان اڳ فوت ٿين ٿا، جڏهن ته لاهور، فيصل آباد، پشاور ۽ ڪراچي دنيا جي 10 سڀني کان وڌيڪ آلوده شهرن ۾ شامل آهن. هن چيو ته اڳتي وڌڻ جو رستو هي آهي ته گهٽ خرچ وارا هوا جي معيار جي نگرانيءَ وارا نظام وڌايا وڃن، 2025ع ۾ قومي سطح تي طئه ٿيل ماحولياتي هدفن جي ٻيهر جائزي ۾ هوا جي معيار جي هدفن کي شامل ڪيو وڃي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.