نئين دهلي (م ڊ) ڀارت جي گادي واري هنڌ دهلي ۾ افغان پرڏيهي وزير امير خان متقي جي پريس ڪانفرنس دوران عورت صحافين کي شامل نه ڪرڻ تي تڪرار پيدا ٿي ويو، جنهن تي مودي حڪومت سخت تنقيد هيٺ اچي وئي آهي. ڀارت اختيارين کي وضاحت ڏيڻ تي مجبور ٿيڻو پيو ته پرڏيهي وزارت جو ان تقريب سان ڪو تعلق نه هو. پريس ڪانفرنس ۾ رڳو مرد صحافي موجود هئا، جنهن تي مخالف ڌر خاص طور ڪانگريس اڳواڻ راهول گانڌي مودي تي تنقيد ڪندي چيو ته جڏهن توهان عورتن کي عوامي فورم تان نڪرڻ جي اجازت ڏيو ٿا، تڏهن توهان هر ڀارتي عورت کي ڪمزور پيغام موڪليو ٿا. پريانڪا گانڌي پڻ مودي کان سوال ڪيو ته ڇا عورتن جي حقن جو احترام رڳو چونڊ مهمن تائين محدود آهي؟ پي چدمبرم چيو ته مرد صحافين کي اهڙي صورتحال ۾ واڪ آئوٽ ڪرڻ گهرجي ها، جڏهن ته مهوا موئترا ان عمل کي بزدل منافقن جو شرمناڪ قدم قرار ڏنو. امير خان متقي پنهنجي دوري دوران ڀارتي پرڏيهي وزير جئي شنڪر سان ملاقات به ڪئي، جنهن ۾ افغانستان ۾ هندستاني ٽيڪنيڪل مشن کي سفارتخاني جو درجو ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو.