اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ناڻي واري وزارت جي ذريعن مطابق، صوبن ٻوڏ سبب زرعي آمدني تي آمدني ٽئڪس لاڳو ڪرڻ لاءِ وڌيڪ مهلت طلب ڪئي آهي. ٻوڏ جي ڪري زرعي معيشت متاثر ٿيڻ سبب صوبا فوري طور زرعي آمدني تي ٽئڪس لاڳو ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ اسٽاف ليول معاهدي لاءِ 4 اهم نقطن تي ورچوئل ڳالهيون جاري آهن. مالي وزارت جي ذريعن موجب، سرڪاري عملدارن جا اثاثا ظاهر ڪرڻ ۽ ڪرپشن ۽ گورننس جي تشخيصي رپورٽ جا نڪتا به انهن ڳالهين جو حصو آهن. ذريعن ٻڌايو آهي ته حڪومت ڪرپشن ۽ گورننس رپورٽ شايع ڪرڻ لاءِ مهلت گهري آهي، جڏهن ته آءِ ايم ايف طرفان سرڪاري سطح تي ڪڻڪ جي خريداري لاءِ اوپن مارڪيٽ يا نجي شعبي مان خريداري جو نظام مهيا ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب، اقتصادي ٽيم اسٽريڪچرل بينچ مارڪس تي نرمي جي به درخواست ڪئي آهي ته جيئن معاهدو جلد کان جلد مڪمل ٿي سگهي.