پشاور(م ڊ) پاڪ-افغان سرحد تي افغانستان طرفان بنا جواز فائرنگ جو پاڪستاني فوج پاران ڀرپور جواب ڏنو ويو آهي. سيڪيورٽي ذريعن موجب، افغان فورسز پاران انگور اڏي، باجوڙ، ڪرّم، دير، چترال ۽ بارام چاهه سميت مختلف هنڌن تي بغير اشتعال فائرنگ ڪئي وئي۔ سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته افغان فورسز جي فائرنگ جو مقصد دهشتگردن (خوارج) جي ٽولين کي سرحد پار ڪرائڻ هو. سيڪيورٽي ذريعن موجب پاڪ فوج جي چوڪس رهندڙ چوڪين پاران سخت ۽ ڀرپور جواب ڏنو ويو۔ پاڪ فوج فوري رد عمل ڪندي ڪيترن ئي افغان پوسٽن کي مؤثر طريقي سان نشانو بڻايو. سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي وقت سر ڪارروائي جي نتيجي ۾ افغانستان جون ڪيترائي بارڊر پوسٽون تباهه ٿي ويون، درجنين افغان فوجي ۽ دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته طالبان ڪيترين ئي لاشن ۽ پوسٽن کي ڇڏي ڀڄي ويا۔سيڪيورٽي ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته افغانستان طرفان اها جارحيت ان وقت ڪئي پئي وڃي، جڏهن افغان پرڏيهي وزير ڀارت جي دوري تي آهن .