سهيل آفريدي کي ڪي پي ۾ فوجي ڪارروايون روڪڻ جو ٽاسڪ مليل

اسلام آباد (حامد مير) عمران خان پاران خيبر پختونخوا جي وزيراعليٰ علي امين گنڊاپور کي هٽائي، سندس جاءِ تي سهيل آفريدي کي نئون وزيراعليٰ مقرر ڪرڻ جو فيصلو اهڙي وقت تي سامهون آيو آهي، جڏهن گنڊاپور تي پارٽي جي اندرين اختلافن، عوامي سطح تي غير مؤثر قيادت ۽ اسٽيبلشمينٽ سان سياسي سمجهوتي ۾ ناڪامي جا الزام لڳي رهيا هئا۔ عمران خان هن تبديليءَ ذريعي پارٽي اندر اتحاد بحال ڪرڻ، عوامي تحريڪ کي ٻيهر منظم ڪرڻ ۽ اڳوڻي فاٽا ضلعن کي صوبي جي ڌاري ۾ وڌيڪ مضبوط طريقي سان ضم ڪرڻ جو سياسي پيغام ڏيڻ چاهين ٿا۔ علي امين گنڊاپور جي برطرفي دراصل عمران خان لاءِ خيبر پختونخوا ۾ ٽين ناڪامي ثابت ٿي آهي۔ ان کان اڳ پرويز خٽڪ ۽ محمود خان به ساڳين سببن جي بنياد تي پارٽي کان الڳ ٿي چڪا آهن۔ گنڊاپور بابت چيو وڃي ٿو ته هو عمران خان جي قيد دوران اسٽيبلشمينٽ سان سياسي مفاهمت لاءِ ڪوشان هو، پر سندس پيش ڪيل تجويزون عمران خان رد ڪري ڇڏيون، ٻنهي جي وچ ۾ فاصلا وڌي ويا. سهيل آفريدي جي مقرري محض تبديلي نه پر هڪ منظم سياسي حڪمت عملي طور ڏٺي پئي وڃي۔ هو خيبر ايجنسي سان تعلق رکندڙ پهريون وزيراعليٰ آهي، جيڪو اڳوڻي فاٽا جي ڪنهن ضلع مان تعلق رکي ٿو.جنهن جو مقصد فاٽا انضمام جي خلاف جاري تحريڪن کي ڪمزور ڪرڻ ۽ اتي جي ماڻهن کي سياسي مرڪزي ڌاري ۾ شامل ڪرڻ جو پيغام ڏيڻ آهي۔ دلچسپ ڳالهه اها آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ هن وقت چار سؤ کان وڌيڪ قبائلي عمائدين جي هڪ پٽيشن زيرِ سماعت آهي، جيڪا پنجويهين آئيني ترميم جي خلاف آهي۔ آفريدي جي بطور وزيراعليٰ مقرري سان حڪومت کي اهو دليل مضبوط طريقي سان پيش ڪرڻ جو موقعو ملندو ته هاڻي قبائلي عوام صوبي جي اعليٰ ترين سياسي سطح تي نمائندگي رکن ٿا. پارٽي اندر سهيل آفريدي کي هڪ گهٽ تڪراري ۽ مصالحتي پسند اڳواڻ طور ڏٺو پيو وڃي۔ سندس لاڳاپا نه رڳو علي امين گنڊاپور پر اسد قيصر، جنيد اڪبر، عاطف خان ۽ شهيرام ترڪئي جهڙن اڳواڻن سان به خوشگوار آهن۔ عمران خان سهيل آفريدي کي ٻه واضح هدايتون ڏنيون آهن۔ پهرين اها ته هو صوبي ۾ جاري انٽيليجنس بنياد تي ڪارروايون روڪين، جن تي هو پاڻ به اڳ ۾ تنقيد ڪري چڪو آهي.ٻي هدايت اها آهي ته سهيل آفريدي صوبي جا وسيلا استعمال ڪندي، مرڪز خلاف هڪ وڏي عوامي تحريڪ منظم ڪري۔ عمران خان جي نظر ۾ پاڪستان هڪ وڏي سياسي اتل پتل جي دهاني تي بيٺو آهي، ۽ هو ان کي نيپال يا بنگلاديش جهڙي عوامي بغاوتي منظرنامي سان تشبيهه ڏئي رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.