آمريڪا جو چين تي 100 سيڪڙو ٽيرف جو اشارو

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته آمريڪا پهرين نومبر کان چين تي واڌو 100 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪندو ۽ اهم سافٽ ويئر جي درآمد تي پابندي لڳائيندو. ٽرمپ پنهنجي  پليٽفارم ٽروٿ سوشل تي چيو ته چين واپار ۾ جارحاڻي رستو اختيار ڪيو آهي ۽ دنيا کي پيغام موڪليو آهي ته هو تقريبن سڀني شين تي برآمد پابنديون لاڳو ڪندو، جيتوڻيڪ اهي شيون چين ۾ نه ٺهيل هجن. ٽرمپ چيو ته چين جو هي قدم عالمي واپار لاءِ خطرناڪ آهي ۽ آمريڪا مالي جوابي قدم کڻندو. هن ٻڌايو ته آمريڪا وٽ به اهڙن علائقن ۾ اجاراداري آهي، جيڪي چين کان وڌيڪ وسيع ۽ طاقتور آهن. صدر ٽرمپ چيو ته جيتوڻيڪ هي پاليسي عارضي طور ڏکوئيندڙ ثابت ٿي سگهي ٿي، پر آخرڪار آمريڪا لاءِ فائدي مند ٿيندي، ڇو ته دنيا کي چين طرفان يرغمال بڻجڻ نه ڏبو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.