واشنگٽن/بيجنگ (عوامي آواز نيوز) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چين خلاف نئين واپاري جنگ جو باضابطه آغاز ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب عالمي منڊي ۾ شديد بحران پيدا ٿي ويو آهي. ٽرمپ چين جي شين تي 100 سيڪڙو اضافي ٽيرف لاڳو ڪندي مجموعي طور 130 سيڪڙو ٽيرف مقرر ڪيو آهي، جڏهن ته آمريڪي سافٽ ويئرز تائين چين جي رسائي مڪمل طور بند ڪئي وئي آهي. اقتصادي ماهرن موجب فيصلي کان ڪجهه ئي منٽن اندر عالمي اسٽاڪ مارڪيٽ لڳ ڀڳ 2 ٽريلين ڊالرن تائين ڪري پئي، جڏهن ته چين ۽ آمريڪا ٻنهي جي ڪمپنين جا شيئرز تيزيءَ سان هيٺ لٿا. رپورٽن مطابق چين وٽ دنيا جي 70 سيڪڙو قيمتي معدنيات جو ذخيرو آهن، جيڪا ٽيڪنالاجي ۽ دفاعي شعبي لاءِ لازمي آهن، ٽرمپ کي اها ئي معدنيات کي گهرجي، ۽ ٽرمپ جي پاليسيءَ سبب انهن وسيلن تي عالمي مقابلو وڌيڪ سخت ٿي ويو آهي. ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته جيڪو ملڪ چين جو ساٿ ڏيندو، آمريڪا ان تي به سخت پابنديون لاڳو ڪندو. ٻئي پاسي چين آمريڪي ڊالر کي ڪمزور ڪرڻ ۽ ٻين ملڪن سان نوان واپاري معاهدا ڪرڻ ۾ سرگرم ٿي ويو آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته هيءَ نئين سرد جنگ پاڪستان، ڀارت، وچ اوڀر سميت عالمي معيشت کي خطرناڪ بحران ڏانهن وٺي وڃي سگهي ٿي. دنيا ۾ هڪ منظرنامو هوندو ته اوهان آمريڪا کي چونڊيو يا چين کي. چين پنهنجي معدنيات کي پاڻ ئي ڪڍي ٿو ۽ دنيا جي ٻي 20 سيڪڙو کي به ڪڍي ٿو. چين آمريڪا تي پڻ جواب ۾ ٽيرف هڻي رهيو آهي. آمريڪا پنهنجا سڀ ڪارڊ کيڏي چڪو آهي، هاڻي وٽن ڪي ڪارڊ ناهن پر چين اڳ کان ئي تيار آهي، ان ڏس ۾ چين جو پاسو ڳرو نظر اچي ٿو.