افغانستان ۾ امڪاني تبديليءَ جو اشارو، آمريڪا ۽ پاڪستان مطمئن؟

ڪابل/اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) سفارتي ذريعن موجب افغانستان ۾ ايندڙ مهينن دوران اقتدار جي منتقلي يا تبديليءَ جا امڪان وڌي ويا آهن، جيڪي ڪنهن ٻاهرين سازش بدران طالبان جي اندرين ڇڪتاڻ جو نتيجو هوندا. اطلاع موجب آمريڪي ۽ پاڪستاني عملدار ان ڳالهه تي متفق آهن ته طالبان جي سپريم ليڊر هيبت الله اخوندزادا کي اقتدار کان الڳ ٿيڻ گهرجي. ذريعن جو چوڻ آهي ته طالبان جي اندر ڪيترائي ڌڙا موجود آهن، جيڪي پاليسي اختلافن، علائقائي اثرن ۽ عالمي دٻاءَ سبب قيادت جي تبديليءَ جا خواهشمند آهن۔ جيتوڻيڪ هن وقت کليل مخالفت سامهون ناهي، پر پردي پٺيان رابطن ۽  منصوبا بنديءَ جو سلسلو جاري آهي. مبصرن موجب جيڪڏهن اها داخلي تبديلي عمل ۾ اچي ٿي، ته خطي جي سياست، افغانستان جي استحڪام ۽ عالمي لاڳاپن تي گهرا اثر پئجي سگهن ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.