روم/لنڊن(عوامي آواز نيوز) اٽلي جي سڀ کان وڏي مزدور يونين سي جي آءِ ايل جي سڏ تي سڄي ۾ هڪ ڏينهن واري عام هڙتال ۽ احتجاجي مظاهرن ۾ لڳ ڀڳ 20 لک ماڻهن شرڪت ڪئي۔اهي مظاهرا اسرائيل طرفان فلسطيني عوام لاءِ ويندڙ امدادي ٻيڙين جي قافلي “صمود فلوٽيلا” کي روڪڻ ۽ غزه تي جاري شديد بمباري جي خلاف ڪيا ويا۔ملڪ جي سڀني وڏن شهرن ۾ لکين ماڻهن “فلسطين آزاد ڪريو، جنگ بند ڪريو، اسرائيلي جارحيت مرده باد” جا نعرا هڻندي جلوس ڪڍيا۔روم ۾ پوليس موجب لڳ ڀڳ 80 هزار ماڻهو روڊن تي نڪتا، جڏهنته منتظمين موجب هي تعداد 3 لک جي ويجهو هو۔ميلان ۾ پڻ تقريباً 80 هزار کان هڪ لک تائين مظاهره ڪندڙ گڏ ٿيا، جتي اسرائيل خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي۔انهيءَ سان گڏ تورين، جينوا، ناپلي، بولونيا ۽ فلورنس سميت 100 کان وڌيڪ شهرن ۾ به ريليون ۽ احتجاجي مارچ ڪيا ويا۔هوڏانهن لنڊن جي مشهور ٽريفالگر اسڪوائر ۾ فلسطينين جي حمايت ۾ وڏي ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ لڳ ڀڳ 1500 کان وڌيڪ ماڻهن شرڪت ڪئي۔مظاهرين غزه ۾ جاري قتلِ عام روڪڻ ۽ فلسطين جي حمايتي تنظيم "فلسطين ايڪشن” تي لڳايل پابندي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو۔