سمنڊ ۾ پاڻي ضايع ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ نهري نظام ٺيڪ ڪرڻو پوندو:سيڪيورٽي ذريعا

اسلام اباد (بيورو) ملڪي سلامتي جي ذريعن واضح ڪيو آهي ته پاڪستان اسرائيل کي نه تسليم ڪيو آهي ۽ نه ئي مستقبل ۾ ڪندو، جڏهن ته ڪشمير ۽ فلسطين بابت اسان جو موقف اڃا تائين ساڳيو آهي، ٻنهي کي حقِ خوداراديت گهرجي ۽ پاڪستان انهن سان گڏ بيٺو آهي، سڪيورٽي ذريعن موجب آزاد ڪشمير جا معاملا سياسي پارٽين پاڻ ۾ حل ڪري ورتا آهن، هر هڪ کي پنهنجي دائري ۾ ڪم ڪرڻ گهرجي، فوجي جوان ملڪ جي سلامتي لاءِ پنهنجو رت ڏئي قربانيون پيش ڪن ٿا، ڪشمير اسان جي شهه رڳ آهي ۽ جيڪڏهن اتي ٿورو به انتشار پيدا ٿئي ٿو ته ڀارت ان جو فائدو وٺي ٿو. پسني ۾ آمريڪا جي بندرگاهه بابت رپورٽن تي چيو ويو ته هر ملڪ جا پنهنجا مفاد هوندا آهن ، آمريڪا جا پنهنجا، چين جا پنهنجا ۽ اسان جا پنهنجا مفاد آهن، جيڪي سڀني کان اهم آهن، پاڪستان وٽ تيل، گئس، ماربل، گرينائيٽ ۽ ٻين معدنيات جا وسيلا موجود آهن، جن کي استعمال ڪرڻو آهي، بندرگاهه ڏيڻ بابت مختلف تجويزون اينديون رهيون آهن، پر هر ملڪ پنهنجن مفادن موجب فيصلو ڪندو آهي، سوال ڪيو ويو ته ڇا پسني بندرگاهه تي آمريڪا کي سيڪيورٽي ملي سگهي ٿي؟ ان تي جواب ڏنو ويو ته نه آمريڪا کي ۽ نه چين کي سيڪيورٽي ڏيڻ جو سوال پيدا ٿئي ٿو، چيني شهرين تي ٿيل حملن بابت سوال تي چيو ويو ته اهڙا سوال اڳواٽ هوندا آهن، سيڙپڪار ايندو آهي ته پاڻ سيڪيورٽي جي گهر ڪري ٿو، پاڪستان ۾ آيل سڀ ڪمپنيون فوج کان تحفظ حاصل ڪن ٿيون. ايس آءِ ايف سي هڪ بهترين سيڙپڪاري ماڊل ٺاهيو آهي ۽ حڪومت ۽ فوج گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن، فلسطين ڏانهن فوجي دستا موڪلڻ بابت سوال تي چيو ويو ته فلسطين هڪ اهم مسئلو آهي، پاڪستان نه اسرائيل کي تسليم ڪيو آهي، نه ڪندو، پاڪستان اندر اسرائيل کي تسليم ڪرڻ بابت افواهون هلن ٿيون پر حقيقت اها آهي ته فلسطين ۽ ڪشمير اسان لاءِ تمام اهم آهن، ذريعن موجب آرمي چيف پنهنجي هر بريفنگ ۾ اهو ذڪر ڪري ٿوته اسرائيل فلسطين ۾ نسل ڪشي ڪري رهيو آهي، اسرائيل فلسطيني ماڻهن کي سمنڊ جو کارو پاڻي پيئڻ تي مجبور ڪيو آهي، پاڪستان به نسل ڪشي روڪڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، سڪيورٽي ذريعن چيو آهي ته بلوچستان ۾ دهشتگردي خلاف آپريشنن دوران سال 2024ع ۾ پاڪ فوج 1018 دهشتگرد ماريا، جڏهن ته سيپٽمبر 2025ع تائين مارجي ويل دهشتگردن جو انگ 1422 ٿي ويو، هن وقت تائين 55 هزار 315 انٽيليجنس بنيادن تي آپريشن ٿي چڪا آهن، روزانو لڳ ڀڳ 190 آپريشن ڪيا وڃن ٿا، انهن ۾ 118 افغان دهشتگرد ماريا ويا، جن ۾ 8 افغان خودڪش بمبار به شامل هئا، جڏهن ته 135 دهشتگرد افغان سرحد تي ماريا ويا، سڪيورٽي ذريعن موجب، اهي سڀ خارجي آهن ۽ انهن جي پٺڀرائي ۾ ڀارت جو هٿ موجود آهي، نيشنل ايڪشن پلان سال 2014ع ۾ ٺاهيو ويو هو پر ان تي 2021ع ۾ عملدرآمد شروع ٿيو، جنهن ۾ 14 نڪتا شامل آهن، هاڻوڪي حڪومت هڪ نئون پلان ”عزمِ استحڪام“ شروع ڪيو آهي، جنهن ۾ سڀني سياسي ڌرين کي شامل ڪيو پيو وڃي، دهشتگردن جي ڪا به پناهه گاهه باقي نه ڇڏينداسين ۽ انهن جو ميڊيا نيٽ ورڪ بند ڪيو ويندو. فوج پنهنجي قومي نظريي جي بنياد تي ڪم ڪري رهي آهي، جيئن غزوه بدر هڪ نظريي تحت وڙهيو ويو هو، سڪيورٽي ذريعن موجب، شانگله ۾ چيني شهرين تي ٿيل حملي بعد معلوم ٿيو ته اها نان ڪسٽم پيڊ گاڏي هئي، اهڙيون گاڏيون روڪڻ ضروري آهن. تيراهه ۾ منشيات جو وڏو ڪاروبار هلندو آهي، جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو ملوث آهن، اسان اسمگلرن کي روڪڻ لاءِ سخت ڪارروائي ڪري رهيا آهيون. اڳ ايران مان 15 ملين بيرل تيل ايندو هو، جيڪو هاڻي 15 لک بيرل تائين محدود ٿي ويو، اهو سڀ فوجي قدمن جي نتيجي ۾ ممڪن ٿيو آهي. اسان چاهيون ٿا ته چمن ۾ پاسپورٽ نظام لاڳو ٿئي ۽ ڪائونٽر ٽيررازم اٿارٽي وڌيڪ فعال بڻجي، خيبرپختونخوا ۾ گورننس جي کوٽ تي به ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، جتي ٺيڪيدار کان 40 ارب رپيا مليا آهن، جيڪي خراب حڪمراني جو ثبوت آهن، سڪيورٽي ذريعن چيو ته ماهه رنگ بلوچ کي امن انعام ڏيڻ جي ڳالھه ڪئي پئي وڃي، پر اهي ماڻهو واضح طور تي دشمنن جي فنڊنگ تي ڪم ڪن ٿا، بي ايل اي خلاف ڪارروايون جاري آهن، هندستان وٽ اڃا تائين آمريڪا پاران ڇڏيل 7.2 ارب ڊالر جو هٿيار موجود آهي، جنهن ۾ نائيٽ ويزن اوزار به شامل آهن، اسان آمريڪا کي به آگاهه ڪيو آهي ته اوهان اسان کي مشڪل ۾ ڇڏيو آهي، انساني حقن جي ڳالهه ڪندڙن بابت چيو ويو ته ڀارت سکن کي ڪرتارپور اچڻ نٿو ڏئي ۽ والاريل ڪشمير ۾ مسلمانن تي ظلم ٿي رهيو آهي. اتان ماڻهن کي نماز پڙهندي ڇڪيو وڃي ٿو، جڏهن ته بلوچستان بابت بي بنياد پروپيگنڊا ڪيو وڃي ٿو. عمران خان جي ٽوئٽ ۽ ”هائبرڊ سسٽم“ بابت چيو ويو ته ملڪ ۾ هڪ ئي نظام آهي جيڪو آئين جي آرٽيڪل 7 تحت پارليامينٽ هلائي ٿي، جڏهن ته فوج آرٽيڪل 243، 244 ۽ 245 تحت ڪم ڪري ٿي، فوج هڪ رياستي ادارو آهي، سياست جي ذريعي رياست ٺهي ٿي، ذريعن چيو ته موجوده حڪومت ئي رياست آهي، فوج جنهن ڪم لاءِ حڪم وٺي ٿي، اهو ايمانداريءَ سان پورو ڪندي آهي، ڪووڊ دوران اين سي او سي جوڙيو ويو، صفائيءَ جا ڪم ۽ پوليو مهم ۾ فوج اڳواڻي ڪئي. فوج ڪنهن جي ذاتي سياست لاءِ نه، پر قومي ذميواري طور ڪم ڪندي آهي. جيڪڏهن ڪو ٽوئٽ ڪندو آهي، ته اهو غلط ۽ بي بنياد هوندو آهي، خيبرپختونخوا جي حالتن تي چيو ويو ته اتي حڪومت کي پنهنجي گورننس بهتر ڪرڻي پوندي، ڇو ته ماڻهو هاڻي پشاور مان نڪري ٻين شهرن ڏانهن وڃڻ چاهين ٿا سڪيورٽي ذريعن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن فيلڊ مارشل ٽرمپ سان ڳالهايو هو ته وزيراعظم به گڏ بيٺل هو، امداد گهرڻ يا آءِ ايم ايف تان قرض وٺڻ کان بهتر آهي ته ملڪ ۾ موجود معدنيات ۽ وسيلن کي استعمال ڪجي. ايندڙ صدي تيل جي نه پر معدنيات جي هوندي، تنهن ڪري اسان کي پنهنجا وسيلا پاڻ ڪم ۾ آڻڻا پوندا، پاڻي ۽ تيل ٻنهي کي بچائڻو آهي ۽ ڪئنالن جي نظام کي درست ڪرڻ لازمي آهي، آخر ۾ چيو ويو ته فوج ۽ سياسي قيادت ۾ ڪو به ابهم يا اختلاف ناهي، سڀ فيصلا گڏجي ڪيا وڃن ٿا، وزيراعظم سڀ کان مٿانهين اٿارٽي آهي، حڪومت ۽ ادارا هڪ صفحي تي آهن ۽ ملڪ جي ضرورت به اها ئي آهي ته سڀ گڏجي ڪم ڪن، سڪيورٽي ذريعن موجب سعودي عرب ۽ پاڪستان جي وچ ۾ دفاعي معاهدو موجود آهي، جيڪو ڪنهن ملڪ جي خلاف نه آهي، تنهن ڪري ان کي منفي نه وٺڻ گهرجي، هر ملڪ کي پنهنجو دفاع پاڻ ڪرڻو هوندو آهي، ۽ سعودي عرب ۽ پاڪستان ٻئي باشعور ملڪ آهن، جن کي خبر آهي ته انهن کي ڇا ڪرڻو آهي. افغانستان بابت جڏهن آمريڪا سان ڳالھ ٻولھ ٿيندي آهي ته اهو ئي چيو ويندو آهي ته اوهان اتي اربين ڊالرن جو هٿيار ڇڏي آيا آهيو، انهن جي واپسي بابت ڳالهه ٿيڻ گهرجي. پاڪستان جا هميشه پينٽاگون سان لاڳاپا رهيا آهن. سڪيورٽي ذريعن چيو ته دنيا جا سڀ ملڪ افغانستان کي چون ٿا ته دهشتگردي ختم ڪريو ۽ اسان چاهيون ٿا ته ڪنهن به هنڌ دهشتگردي نه هجي، جنرل (ريٽائرڊ) فيض حميد بابت سوال تي سڪيورٽي ذريعن چيو ته فوج هڪ منظم نظام هيٺ ڪم ڪندي آهي، جنرل فيض جو ڪورٽ مارشل ٿي رهيو آهي، وڏن عهدن تي رهندڙن جون ذميواريون به وڏيون هونديون آهن، فوج ڪنهن کي به بنا حساب ڪتاب جي معاف نه ڪندي. اسان اهو به ڏسون ٿا ته قانوني طريقيڪار ۾ اهڙو مارجن نه رهي، جنهن سبب اپيل ڪورٽ ۾ فيصلو رد ٿي سگهي، سڪيورٽي ذريعن چيو ته خيبرپختونخوا جي وزيراعليٰ چيو آهي ته عمران خان لاءِ آرمي چيف کي مداخلت ڪري ڳالهه ڪرڻ گهرجي، پر اهو خالص قانوني معاملو آهي ۽ عمران خان کي ان قانوني طريقيڪار کي فالو ڪرڻو پوندو، ان جو فوج سان ڪو تعلق ناهي. هر ملڪ جا پنهنجا مسئلا هوندا آهن، جتي سياست ۽ معاشي دهشتگردي گڏجي رهي آهي، ان کي سمجهڻ ضروري آهي. سول-ملٽري لاڳاپا سٺا هجڻ گهرجن ۽ هاڻي به سٺا آهن، ادارا چاهين ٿا ته ميڊيا سان به لاڳاپا بهتر رهن ۽ مين اسٽريم ميڊيا جو ڪم سٺي طريقي سان هلندو رهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.