غزا/تل ابيب/واشنگٽن (م ڊ) حماس جي جواب کان پوءِ اسرائيل ٽرمپ امن منصوبي جي پهرين مرحلي تي فوري طور تي عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي. اسرائيلي فوج جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب، تازي اڳڀرائي کانپوءِ اسرائيلي فوج جي چيف آف اسٽاف جي صدارت هيٺ هڪ اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ ڊپٽي چيف آف اسٽاف، آپريشنز، انٽيليجنس ۽ پلاننگ ڊائريڪٽوريٽ جي سربراهن ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس دوران، اسرائيلي چيف آف اسٽاف يرغمالين جي آزادي جي منصوبي تي عمل درآمد لاءِ تياريون اڳتي وڌائڻ جون هدايتون جاري ڪيون، هن چيو ته اسرائيلي فوج جي حفاظت پهرين ترجيح آهي، ۽ فوج جي حفاظت لاءِ سڀ آءِ ڊي ايف صلاحيتون سدرن ڪمانڊ کي ڏنيون وينديون. ٻئي طرف، اسرائيلي يرغمالين جي خاندانن جو چوڻ آهي ته اهي صدر ٽرمپ جي بيان جو استقبال ڪن ٿا پر نيتن ياهو کي فوري طور تي يرغمالين جي واپسي لاءِ ڳالهيون شروع ڪرڻ گهرجن. حماس جي جواب جي روشني ۾، اسرائيلي وزيراعظم جي آفيس هڪ بيان ۾ چيو آهي ته اسرائيل يرغمالين کي آزاد ڪرڻ جي منصوبي جي پهرين مرحلي تي فوري طور تي عمل ڪرڻ جي تياري ڪري رهيو آهي، ۽ جنگ کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪم جاري رکندو، جيڪو صدر ٽرمپ جي ويزن موجب آهي. اسرائيلي ميڊيا موجب، اسرائيلي حڪومت آءِ ڊي ايف کي غزا شهر تي قبضي جي منصوبي کي فوري طور تي روڪڻ جو حڪم ڏنو آهي. ٻئي طرف، آمريڪي ميڊيا دعويٰ ڪئي ته اسرائيل غزا پٽي ۾ پنهنجي ڪارروائي کي دفاع ۾ تبديل ڪندو، جڏهن ته غزا شهر تي قبضي جي ڪارروائي کي روڪيو ويندو. برطانوي وزيراعظم ڌرين تي زور ڏئي رهيو آهي ته هو بنا دير ٽرمپ معاهدي تي عمل ڪن. برطانوي وزيراعظم موجب، حماس پاران آمريڪي امن منصوبي کي قبول ڪرڻ هڪ اهم قدم آهي، اسان ٽرمپ جي ڪوششن جي حمايت ڪريون ٿا جن اسان کي امن جي ويجهو آندو آهي، اسان وڌيڪ ڳالهين ۽ جٽادار امن لاءِ پنهنجن اتحادين سان گڏ بيٺا آهيون، هي جنگ ختم ڪرڻ، يرغمالين جي واپسي ۽ امداد تائين رسائي جو بهترين موقعو آهي. جرمن چانسلر چيو ته يرغمالين جي آزادي، حماس کي غير مسلح ڪيو وڃي ۽ ويڙهه فوري طور تي ختم ٿيڻ گهرجي، اهو سڀ ڪجهه تمام جلدي ٿيڻ گهرجي، تقريبن 2 سالن کان پوءِ هي امن جو بهترين موقعو آهي، جرمني غزا ۾ جنگ بندي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو. فرانسيسي صدر ميڪرون چيو ته حماس جي عزم تي بنا ڪنهن دير جي عمل ڪيو وڃي، هاڻي امن جي طرف فيصلو ڪندڙ اڳڀرائي جو موقعو آهي، آمريڪا اسرائيلين، فلسطينين ۽ ٻين عالمي ڀائيوارن سان گڏ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو. گڏيل قومن جي ترجمان چيو ته حماس جي بيان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل گوتريس کي حوصلا افزائي ڪئي، گڏيل قومن جي سربراهه سڀني ڌرين تي زور ڏنو آهي ته اهي غزا جنگ کي ختم ڪرڻ جي موقعي جو فائدو وٺن.