پسني پورٽ بابت وائيٽ هائوس يا ڪنهن آمريڪي اداري سان گفتگو ناهي ٿي: سيڪيورٽي ذريعا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اعليٰ سيڪيورٽي ذريعن واضح ڪيو آهي ته پسني ۾ ڪنهن پرڏيهي فوجي اڏي جي ڳالهه رڳو افواهه آهي، پسني پورٽ جي ڊيولپمينٽ ۽ سامونڊي علائقن ۾ معدني وسيلن بابت مختلف ملڪن ۽ عالمي ڪمپنين طرفان سيڙپڪاري جون تجويزون وصول ٿي رهيون آهن پر فيصلي سازي ۾ قومي مفاد کي نظر ۾ رکيو ويندو.
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان طرفان پسني پورٽ جي ڪا آڇ ناهي ڪئي وئي، نه ئي ان نوعيت جا ڪا تجويز ڪنهن سرڪاري يا حڪمت عملي سطح تي غور هيٺ آئي آهي، وائيٽ هائوس يا ڪنهن آمريڪي اداري سان پسني پورٽ بابت ڪنهن به قسم جي گفتگو ناهي ٿي.
واضح رهي ته عالمي رسالي فنانشنل ٽائمز جي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو هو ته پاڪستان آمريڪا کي گوادر ڀرسان پسني ۾ هڪ بندرگاهه هلائڻ جي آڇ ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.