ڪراچي (رپورٽر ) هيومن رائٽس ڪائونسل آف پاڪستان طرفان غزه ۾ فلسطيني عوام جي نسل ڪشي خلاف ڪائونسل جي چيئرمين جمشيد ، صدر ڊاڪٽر محبوب نوناري گلوبل سمود فلوڊيلا سان گڏيل طور احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي هنن چيو ته مسلمان ملڪن جي حڪمرانن سميت اقوام متحده ۽ ٻين عالمي ادارن فلسطينين جي قتل تي ٻٽو رويو رکيو آهي. هنن چيو ته عالمي سامراجي قوتون فلسطين جي سرزمين تي اسرائيلي غاصبن جي لاءِ ڪم ڪري رهيون آهن. هنن مطالبو ڪيو ته اسرائيلي وزيراعظم کي عالمي عدالت ۾ طلب ڪيو وڃي،
-
اينٽي ڪرپشن جي جاچ ڪنهن ڏوهه جي ثابتي ناهي:سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ
ڪراچي(رپورٽر)سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ (STBB) طرفان روزاني ڪاوش ۽ ڪجھ ٻين اخبارن ۾ 30 سيپٽمبر 2025 تي شايع ٿيندڙ خبرن بابت وضاحت جاري ڪئي وئي آهي۔ انهن خبرن ۾ اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ (ACE)، سنڌ پاران مبينه درسي ڪتابن جي خريداري جي معاملي تي انڪوائري جو ذڪر ڪيو ويو آهي۔ ايس ٽي بي بي جي ترجمان اخبارن جي رويي تي افسوس جو اظھار ڪندي چيو آھي اخبارن ۾ اداري جي حوالي سان شايع ٿيل خبر ۾ صحافتي اُصولن کي نظرانداز ڪيو ويو۔ صرف انڪوائري جو آغاز ڪنهن ڏوهه يا غلطي جي ثابتي جي برابر نه هوندو آهي، پر خبر کي اهڙي نموني پيش ڪيو ويو ڄڻ ته سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڪنهن وڏي ڏوهه ۾ ملوث هجي۔ اهڙيءَ طرح غير تصديق ٿيل الزام کي نمايان طور ڇاپڻ، اڳواٽ فيصلو ڪرڻ جي برابر آهي ۽ اداري جي ساک کي نقصان پهچائڻ جو سبب بڻجي ٿو۔ ترجمان موجب تعليمي سال 2024-25 لاءِ ڪتابن جي ڇپائيءَ جو عمل سنڌ پبلڪ پروڪيورمينٽ رولز (SPPRA/EPADS) جي مطابق مڪمل ڪيو ويو، جنهن ۾ سڀني اهل واڪ ڏيندڙن کي برابر موقعا فراهم ڪيا ويا۔ ڪنهن به شرڪت ڪندڙ ۽ واڪ ڏيندڙ ڌر طرفان ڪابه شڪايت داخل نه ڪئي وئي
-
ڪراچي ۽ پشاور ۾ ٽماٽا 400 رپيا في ڪلو تائين وڪرو
ڪراچي/ پشاور (م ڊ) ڪراچي ۾ ٽماٽا مهانگا ٿي ويا، مختلف علائقن ۾ دڪاندار ٽماٽرن جو في ڪلو چار سئو تائين وڪرو ڪرڻ لڳا، ماڊل ڪالوني جي ڪيترن ئي علائقن ۾ دڪانن تي ٽماٽا 300 کان چار سئو رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيا آهن، پشاور ۾ به موسم جي تبديلي سان گڏ ٽماٽن جي قيمتن کي پر لڳي ويا، پشاور ۾ ٽماٽن جو في ڪلو 300 رپين تائين پهچي ويو، شهرين دانهيندي چيو ته اگهه ايترا ناهن وڌيا پر دڪاندار هٿرادو به مهانگائي ڪري ڇڏين ٿا.