لاهور (بيورو) جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ٻن رياستن جي حل تي تڏهن ئي ڳالهه ٿي سگهي ٿي، جڏهن فلسطيني پاڻ فيصلو ڪن ڪو به حل مٿن زبردستي نٿو مڙهي سگهجي، لاهور ۾ جامعه اشرفيه ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته باني پاڪستان اسرائيل کي ناجائز ٻار قرار ڏنو هو، اسان اسرائيل کي ڪڏهن به تسليم نه ڪنداسين، فضل الرحمان جو چوڻ هو ته نيتن ياهو کي عالمي عدالت ڏوهاري قرار ڏنو آهي، آمريڪا عالمي ڏوهاري جي حمايت ڪري رهيو آهي، مولانا فضل الرحمان جنرل اسيمبلي ۾ نيتن ياهو جي تقرير جو بائيڪاٽ ڪندڙ ملڪن کي به خراج تحسين پيش ڪيو.