ڇا پاڪستان اسرائيل کي تسليم ڪري سگهي ٿو؟سوشل ميڊيا تي بحث ڇڙيل

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) صدر ٽرمپ پاران فلسطين امن رٿا جي اعلان کانپوءِ سوال اٿي رهيا آهن ته ڇا پاڪستان اسرائيل کي تسليم ڪري سگهي ٿو؟ سوشل ميڊيا تي هڪ وڏو حلقو حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻائي رهيو آهي،اڳوڻي سفير عبدالباسط ٽرمپ جي منصوبي تي عرب ۽ مسلمان ملڪن جي گڏيل بيان کي “سرينڊر“ قرار ڏنو آهي.هن چيو ته گڏيل پڌرائي ۾ فلسطيني رياست ۽ اوڀر يروشلم کي دارالحڪومت طور جي ڪا ذڪر ئي ناهي.عبدالباسط چوي ٿو ته جيڪڏهن پاڪستان اڳواٽ فلسطيني رياست جي قيام کان اڳ ابراهام معاهدي کي قبول ڪري ٿو ته اها وڏي غلطي هوندي.ن ليگ جي سينيٽر افنان الله خان لکيو ته منصوبي جو مقصد عرب ۽ مسلم ملڪن جي ذريعي حماس تي دٻاءُ وجهي کر يرغمالين کي ڇڏائڻ حاصل ڪرڻ آهي، پر يرغمالين جي بحالي کان پوءِ اسرائيل فلسطينين تي قتلِ عام جاري رکندو.هن چيو ته ڪو به بيوقوف نيتن ياهو تي ڀروسو ڪري سگهي ٿو،مصطفىٰ نواز کوکرسوال ڪيو ته قوم کي اعتماد ۾ وٺڻ کان بغير وزيراعظم کي اهڙو اختيار ڪنهن ڏنو ته ٽرمپ جي امن منصوبي کي خوش آمديد چوي.،شهيد مرتضيٰ ڀٽو جي نياڻي فاطمه ڀٽو هن منصوبي کي سخت لفظن ۾ تنقيد ڪندي لکيو: “امت مري وئي آهي.”هن چيو ته ڪو به مسلمان هن  تاريخي بربريت کي معاف نٿو ڪري سگهي،هوڏانهن .قائداعظم يونيورسٽي جي شعبه انٽرنيشنل ريليشنز سان لاڳاپيل پروفيسر ڊاڪٽر قنديل عباس چيو آهي ته اسرائيل-فلسطين تڪرار جي حوالي سان پاڪستان جو اصولي موقف گڏيل قومن جي قرارداد مطابق آهي، يعني پاڪستان ٻن رياستن جي حل جي حمايت ڪري ٿو. هن وضاحت ڪئي ته ان جو مطلب آهي ته هڪ آزاد فلسطيني رياست جي قيام کان پوءِ بالواسطه طور اسرائيل کي تسليم ڪرڻو پوندو.ٻئي طرف، سينيٽر مشاهد حسين سيد جو چوڻ آهي ته اسرائيل هڪ جارحيت پسند ملڪ آهي جنهن جو فلسطين تي قبضو غيرقانوني آهي، تنهنڪري پاڪستان کيس تسليم نٿو ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.