لاهور(بيورو)جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان وزيراعظم شهباز شريف جي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي غزه لاءِ ويهه نقاطي منصوبي جي حمايت تي سخت تنقيد ڪئي آهي ۽ ان کي مڪمل طور تي رد ڪري ڇڏيو آهي.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي رد عمل ڏيندي، امير جماعت اسلامي چيو آهي ته اسان وزيراعظم جي بيان کي ڪنهن به طرح قبول نٿا ڪريون. پاڪستاني قوم جي مرضي کانسواءِ ڪا به شخصيت ڊونلڊ ٽرمپ کي ڪيئن رضامندي ڏئي سگهي ٿي؟ هن چيو ته گڏيل قومن جي چارٽر موجب ڪنهن به قوم کي پنهنجي علائقي تي قبضي خلاف هٿياربند جدوجهد ڪرڻ جو حق آهي. ڪا به طاقت ڪنهن قوم کان زبردستي اهو حق کسي نٿي سگهي..