ڪنڊيارو ڀرسان پراڻي دشمني تان فائرنگ، واٽهڙو سوڌو 3 ڄڻا قتل

ڪنڊيارو (رپورٽ: ايم سومر گهانگهرو) ڪنڊيارو ڀرسان پراڻي دشمني تان  فائرنگ، واٽهڙو سميت 3 ڄڻا مارجي ويا، هڪ سخت زخمي، ڌريون مورچابند، علائقي ۾ ڏهڪاءُ، پوليس جو سرچ آپريشن، ڪنڊيارو ٿاڻي جي حد لندو موري اسٽاپ وٽ هڪ افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جتي پراڻي دشمني سبب هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، فائرنگ جي نتيجي ۾ ڪورٽ ڏانهن ٻڌڻي تي ويندڙ رسول بخش ڏاهري ۽ ارشد ڏاهري ٿڏي تي دم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته ساڳئي وقت واٽ ويندڙ فرمان عرف شاهد راجپر پڻ گولين جو کاڄ بڻجي موقعي تي مارجي ويو، واقعي ۾ سعيد ڏاهري سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو، مڙهه ڪنڊيارو اسپتال مان ضروري ڪاررائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، اکين شاهدن موجب هٿياربند اوچتو موٽر سائيڪلن تي پهتا ۽ بنا ڪنهن ڳالهه ٻولهه جي سڌي فائرنگ شروع ڪري ڏني ۽ ٽن ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي جو اطلاع ملندي ئي ويجهي بازار ۽ هوٽلون بند ٿي ويون ۽ ماڻهن ۾ سخت خوف پکڙجي ويو، ڌريون مورچا بند ٿي ويون، خونريزي وڌڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته واقعي جو اطلاع ملڻ تي ايس ايس پي نوشهروفيروز ڪنڊيارو ۽ ٻي ضلعي جي پوليس نفري سان واقعي واري هنڌ پهچي علائقي کي گهيري ۾ آڻي سرچ آپريشن شروع ڪيو، ان موقعي تي پوليس پاران علائقي ۾ ناڪابندي ڪري ماڻهن ۽ گاڏين جي چيڪنگ ڪئي وئي، واقعي بعد مقتولن جي ڳوٺ ۾ ڪهرام ۽ روڄ راڙو مچي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.