سڄي سنڌ ۾ سرڪاري ادارن جي تالابندي،بلاول هائوس آڏو ڌرڻي جو اعلان

ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا) سنڌجي سرڪاري ملازمن جي پينشن مان ڪٽوتي، گروپ انشورنس نه ملڻ، سن ڪوٽا بند ڪرڻ ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ سنڌ ايمپلائيز الائنس جي سڏ تي سموري سنڌ ۾ سرڪاري ملازم سراپا احتجاج،ادارن جي تالابندي،سنڌ ايمپلائز الائنس جي چيئرمين حاجي اشرف خاصخيلي چيو آهي ته اڄ کان 27 سيپٽمبرتائين سمورن ادارن جي تالابندي رهندي،سنڌ حڪومت اڃا به نوٽيس نه ورتو ته 6 آڪٽوبر تي بلاول هائوس آڏو لکين ملازم گڏ ٿيندا،اهو ڌرڻو اڻ ڄاتل مدي تائين رهندو،هن چيو ته مان سنڌ حڪومت جي فرينڊلي اپوزيشن کان پڇندس ته توهان ڇو چپ آهيو؟سنڌ جي ملازمن سان ايترو ظلم ٿي رهيو آهي،اڳ ۾ ڪراچي پريس ڪلب آڏو هڪ به ملازم کي لٺ لڳندي هئي ته اپوزيشن جا چونڊيل نمائندا پهچي ويندا هئا پوءِ ڀلي همدردي هجي نه هجي،هاڻي الائي ڇو فرينڊلي اپوزيشن خاموش آهي،هن چيو ته سرڪاري ملازمن جو معاشي قتل ڪيو ويو آهي،وڪيل برادري کي به ساٿ جي اپيل ڪندس،اسان اڄ ٿيندڙ ضمني مڪاني چونڊن جي اليڪشن ڊيوٽي جو مڪمل بائيڪاٽ ڪيو آهي،ينگ ڊاڪٽرز جي اڳواڻ ڊاڪٽر محبوب نوناري چيو ته اسان سنڌ ايمپلائز سان گڏ آهيون،ايمرجنسي کانسواءِ صحت سان لاڳاپيل سمورن شعبن ۾ تالابندي هلي رهي آهي،هوڏاهن ميرپور ساڪرو ۾ سنڌ ايمپلائيز الائنس جي سڏ تي مطالبن جي مڃتا لاء سرڪاري آفيسن  اسپتالن اسڪولن ۾ تالا بندي ڪئي آهي تعلقي جي ھيڊ ڪواٽر شيخ زيد اسپتال ۾ ڊاڪٽرن ۽ ورڪرن پاران ڪم ڇڏ ھڙتال جاري جڏهن پ ٽ الف ميرپور ساڪرو جي صدر غلام حيدر ڪلمتي  جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو،ڏوڪري ۾ قاضي امجد، ڪامران ضمير منگي،ديدار ابڙو، صفر جتوئي، عبدالوحید ميمڻ، علي بخش پٺاڻ، پروفيسر گلاب سومرو، ضمير احمد سوهو، زاهد حسين پٺاڻ، نياز حسين ٻگهيو، ارشاد جوڻيجو، خادم سومرو، حسين ابڙو، افروز ميراڻي،صحبت حسين جسڪاڻي، شبير جتوئي، نادر حسين جوڻيجو،اياز منگي،ضمير جتوئي،قاضي برڪت، لوئر اسٽاف جي قاضي وسيم ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اسڪولن، آفيسن ۽ اسپتال جي او پي ڊي بند ڪري تالا هڻي ڪم ڇڏ هڙتال ڪئي ان موقعي تي ملازمن جو چوڻ هو ته اسان جا مطالبا بلڪل جائز آهن، سرڪار کي گهرجي ته ملازمن جي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ فوري قدم کنيا وڃن. مهانگائي آسمان سان ڳالهيون ڪري رهي آهي، پر پگهارون ساڳي جاءِ تي بيٺل آهن. سرڪاري ملازمن کي هڙتالن ۽ روڊن تي اچڻ لاءِ مجبور نه ڪيو وڃي.ھنن مطالبو ڪندي چيو تہ ملازمن جي پگهارن ۾ مهانگائي جي حساب سان الاوئنسز بحال ڪرڻ،ايڊهاڪ الائونس کي بيسڪ پگهار ۾ شامل ڪرڻ،وقت سر پروموشن ۽ سينيارٽي جا ڪيس حل ڪرڻ،رٽائرڊ ملازمن جي پينشن ۾ واڌ ۽ وقت سر ادائيگي ڪرڻ.عارضي ۽ ڪنٽريڪٽ ملازمن کي مستقل ڪرڻ سميت سمورا جائز مطالبا تسليم ڪيا وڃن،گهوڙاٻاري ۾ ڊاڪٽر ساجد شيخ،لياقت علي چانڊيو، اڪبر بلوچ،رحيم بخش بروهي، رحمان خواجا ۽ ممتاز بلوچ جنگشاھي ۾  به احتجاج ڪيو وي،ڪراچي ۾ گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج گلزار ھجري، گلستان جوهر ڪاليج، عبدالله شاهه غازي ڳوٺ ڪاليج، گلشن اقبال ڪاليج ۾ ٽيچنگ ۽ نان ٽيچنگ اسٽاف پاران ڪلاسن کي تالا هڻي احتجاج ڪيو ويو موهن جو دڙو ۾  زبير جتوئي، محمود انصاري، توفيق ميراڻي، ذولفقار شاھ، اياز شيخ، شڪيل جان بروهي،گهارو ۾ اميرعلي لاشاري, سيدحسنين, سلطان چانڊيو صدرشريف تنيو, محمدعلي شر، عبدالقادر پنهور,، نور محمد بلوچ دوڙ۾ رمضان ڏاهري آصف بروهي علي اڪبر جلباڻي  ،مٺي، اسلام ڪوٽ، ننگرپارڪر، ڏيپلو، ڇاڇرو، ڪلوئي  ۾ استادن،روينيو عملدارن،ٽائون ملازمن سميت ٻين آفيسن ۽ اسڪولن کي تالا هڻي ڪم ڇڏ هڙتال ڪري بائيڪاٽ ڪيو ويو، راڌڻ ۽ راڌڻ وليج ۾ ذوالفقار جوڻيجو ،محمد ياسين مگسي‚ معصوم بخاري، مظھر ڀند، رفيق جانوري،شھباز علي چانڊيو، شيراز عباسي ،فهد علي چانڊيو،عبدالسلام جانوري،رياض حسين چانڊيو،اعجاز علي چانڊيو،نوشهري فيروز ۾ محمد پريل ڪاڪيپوٽو، عبدالستار ڊاڪٽر غلام مرتضيٰ سھتو،ھدايت الله سولنگي، سعود ٻوھيو، اعظم ڀٽو . سکر ۾ خادم حسين کوسو،عبدالنبي جاڳيراڻي،شھزادو عباسي،عرض محمد کوسو، عبدالرحمان جمالي،غلام شبير سومرو،ڪنڌڪوٽ امير بخش بجاراڻي جي اڳواڻي ۾،لاڙڪاڻي ۾ غلام رسول ڇڄڙو، ممتاز چانڊيو، رجب علي کوسو، احسان ڇڄڙو، سيد مبين شاھ، امداد چانڊيو، نعيم ڪوري ،ڀريا ۾  عبد الطيف عباسي،علي اصغر ڪلھوڙو، فتح علي لاکو، بشارت علي لاکير، فرمان علي سھتو ۽ پٿورو ڪاريون پٽيون ٻڌيون ۽ اسڪول م ڪارا جھنڊا پڻ لڳايا ويا قاضي احمد  ۾ سيد نظر علي شاھ، ڊاڪٽراڪبر آرائين، اقبال زرداري،فريد ڌاريجو، رانجھن راھو،نظير چانڊيو هالاڻي ۾ روشن علي سھتو، عاشق علي سولنگي،غلام علي ڏاھري، عبدالخالق ٽانوري . ڪوٽ غلام محمد ۾ وزير احمد خاصخيلي ۽ محمد زبير آرائين، محمد اسلم اويس ،ٽنڊي آدم ۾ فضل الله عمراڻي، لکاڏنو خاصخيلي، محمد رمضان ملاح، لبني سومرو، صفر ساند، خدا بخش جوڻيجو، وسيم چنه، ڪانڊيرو خان راهو، نعيم ڪيريو،خيرپور ۾ اسد علي اڄڻ، عمران خان قريشي، جهانزيب مغل، افضل ڪنڌر، حفيظ ﷲ خيرپور ۾  نبي بخش مڪول،حاڪم علي ڦلپوٽو،خير محمد سومرو،رحمت الله مڱڻهار، سيد منير شاه راشدي،خير محمد آريجا ۾ڊاڪٽر سرفراز احمد شيخ، آفتاب احمد سيهڙو، ڊاڪٽر اسماعيل سيهڙو، سڪندر علي تنيو،اشفاق احمد،نظير احمد آريجو،وقاص سومرو،رياض بروهي،محمد قاسم جويو،مٺياڻي ۾ الطاف حسين چانڊيو،الطاف حسين مشوري ، استاد محب علي چانڊيو ،استاد عبدالمجيد مشوري محمد عرس مستوئي،جاويد سھتو،استاد شڪيل احمد ڇڄڙو فياض حسين سھتو،روشن علي چنا ، معشوق ڀٽي ، وقاص مستوئي ۽ ميرپورخاص ۾ ملازمن پاران احتجاج ڪرڻ سبب آفيسن جو ڪارونهوار ٺپ ٿي ويو ۽ عوام پنهنجن ڪمن ڪارن لاءِ پريشان رهي جڏهن ته سول اسپتال جي ملازمن پاران هڙتال ڪرڻ سبب علاج لاءِ ايندڙ مريض سخت پريشان ٿي دربدر ٿي ويا، ميرپورماٿيلو۾خميسو خان تنيو، منظور بوزدار، محمد عالم مهر دوڙ ۾ رمضان ڏاهري، آصف بروهي، علي اڪبر جلباڻي،کيبر ۾ فاروق نوحپوٽو،احمد علي خواجہ، علي نواز شاھ،عبدالقيوم نوحپوٽو،عبدالحميد نوحپوٽو، الهوسايو کيبر، ارشاد لاکو، اسماعيل کيبر،سلطانپور ۾ لالا اسد محمدي عبدالشڪور، ميان بدرالدين انڍهڙ، جميل خان ڌاريجو، گل حسن بلو، علي حسن سمائر، نثار احمد مهر، عبدالقوي ڪلهوڙو، خاوند بخش گڏاڻي، غلام حسين عالماڻي، رفيق احمد محمدي،قمبر ۾ عاشق کيڙو، معروف سومرو،عبدالطيف سومرو،محمد رفيق جاگيراڻي آصف علي ڪاندڙو، حبيب رضا تونيو،گهوٽڪي ۾ بهاول گهوٽو،اورنگزيب مهر،جاويد ڪولاچي،وجي ڪمار،آفتاب شاه،جميل احمد شاه،وڳڻ ۾ سراج الدين پنھور، ديدار وڳڻ، همٿ لاشاري، محمد اسماعيل جويو، عبدالخالق پٺاڻ، محمد زمان سيهڙ، مسعود علي چانڊيو، اياز علي شاھ ،راڻيپور ۾ پروفيسر عبدالحمید سھتو مختيار احمد چڻو بشير جانوري مظفر سولنگي ريحان ميمڻ اختيار وساڻ اعجاز خاصخيلي نثار احمد ڄامڙو حضور بخش کهڙو شفقت سولنگي واجد علي منگي جي ايم ڀٽي ،ڪوٽڙي ڪبير ۾ خادم حسين جلباڻي، استاد غلام عباس سومرو، استاد سرفراز علي قريشي، جانڻ ڪيريو ٽنڊو محمد خان ۾ غلام محمد ڇلگري ،منير ڀٽي ، پير فيصل جان سرهندي ، سارنگ شاھ ، عادل ڀٽي ، عبدالرزاق ڀٽي ، محمد اعظم زئور، محبوب نوتڪاڻي ،ڪنري ۾  موسيٰ سمون، نادر گشڪوري، ولي ڪپري، ظفر گل، راجا رميز، ڪيول ڪمار خانپورمهر ۾ لياقت علي نوناري,غلام ياسين قاضي, استاد علي اصغر مهر ٽنڊوالهيار ۾ محمد خان جروار، جليل بلوچ ميهار خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ هالا ۾ ڪريم ڏنو ڪاڪا، رحمان ڪشميري، موسيٰ ميمڻ، گواز رضا، محمد ميمڻ ۽ نصير احمد سنائي،سانگهڙ ۾ ۾ پروفيسر محمد ابراهيم مڱريو، پروفيسر حسين بخش بھڻ ، پروفيسر حاجي ايوب کيبر، پروفيسر عباس لغاري، پروفيسر سروڻ ڪمار مهاراج، پروفيسر خالد ڀرڳڙي، پروفيسر ميرحسن مري، پروفيسر منوهر، ميروخان ۾ حمد يونس چانڊيو ۽ ممتاز علي گوپانگ اياز حسين چانڊيو، ممتاز علي گوپانگ، مير گدا حسين مگسي ، آغا ارشد پتوجو ،محمد اشرف ڪلھوڙو شهدادڪوٽ ۾  حاجي خان سومرو، حفيظ ﷲ چانڊيو،عبدالرحيم ڀٽي ميهڙ ۾  بدرالدين ڳورڙ،پنھيار مختيار کوسو شير محمد ابڙو،عبدالصمد ٻگھيو،اصغر سوڍر،برڪت ڏھر ،خان کوسو،خليق الرحمن سومرو،اسد منگي جي اڳواڻي ۾ هڙتال ۽ احتجاج ڪيو ويوحيات پتافي ۽ شڪارپور ۾ به احتجاج ڪيو ويو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.