آمريڪي پوليس فرانسيسي صدر کي روڊ تي روڪي ڇڏيو،ٽرمپ کي فون،وڊيو وائرل

نيويارڪ (م ڊ) نيويارڪ ۾ دلچسپ صورتحال تڏهن پيدا ٿي جڏهن فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس مان نڪري پنهنجي گاڏي ۾ واپس وڃي رهيا هو تي ڊونلڊ ٽرمپ جي صدارتي قافلي سبب پوليس روڊ بند ڪري ڇڏيا ۽ ميڪرون وچ روڊ ۾ ڦاسي پيو، دي ٽيليگراف موجب وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ميڪرون پنهنجي گاڏي مان لهي پوليس اهلڪار سان بحث ڪرڻ لڳو ته کيس اڳتي وڃڻ ڏنو وڃي، پر اهلڪار معذرت ڪندي چيو ته رستو رڳو آمريڪي صدر جي قافلي لاءِ بند ڪيو ويو آهي، ان تي ميڪرون مذاق ۾ فون کڻي ٽرمپ کي ڪال ڪئي ۽ کلندي چيو ته هيلو، مان روڊ تي بيٺو آهيان ڇو ته سڀ ڪجھه توهان لاءِ روڪيل آهي، هاڻي ڀلا رستو کولرايو، ڪجهه وقت لاءِ ميڪرون نيويارڪ جي مصروف روڊن تي پنڌ هلندي نظر آيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.