حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر ۽ سنڌو درياهه بچايو تحريڪ جي ڪنوينر سيد زين شاهه چيو آهي ته سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون گرين پاڪستان انيشيٽو ۽ ايس آءِ ايف سي کي الاٽ ٿي چڪيون آهن، اڃا وڌيڪ زمينون الاٽ ٿينديون، سنڌ سميت ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان جا معدني وسيلا پرڏيهي ڪمپنين حوالي ڪرڻ جي لاءِ قانون سازي ڪرڻ جو سلسلو به جاري آهي، ملڪ ۾ اسٽيبلشمينٽ ۽ انهن جي ڪٺ پتلي حڪمرانن پاران ترقي ۽ خوشحالي جي نالي تي شروع ڪيل سمورا منصوبا ڪمرشل آهن، جيڪي صرف اسٽيبلشمينٽ ۽ انهن جي مفادن کي پورو ڪندا. ملڪ ۽ عوام جي ڀلائي ناهي ٿيڻي، قومن کان سندن وسيلا، زمينون، درياهه، جبل، تاريخي ثقافتي ۽ سياحتي مرڪز کسڻ جون ڪوششون تيز ڪيون ويون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه حيدرآباد جي علائقي نيو حيدرآباد سٽي ۾ ايس يو پي پاران ڪوٺايل قومي ڪچهري ۾ ڳالهائيندي ڪيو. قومي ڪچهري ۾ علائقي جي سياسي ۽ سماجي اڳواڻن سميت علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سيد زين شاهه چيو ته سمورا ادارا پنهنجين حدن ۾ رهي ڪم ڪن، جنهن جو جيڪو ڪم آهي اهو وڃي ڪري. هن چيو ته پيپلزپارٽي اقتدر ۾ رهڻ لاءِ سنڌ جي قومي مفادن تي صويبازي پئي ڪري، سنڌ جا حڪمران سنڌ جا وسيلا وڪڻي ختم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اليڪشن جو نظام يرغمال آهي، اليڪشن نه پر سليڪشن پئي ٿئي. سياست کي به يرغمال بڻايو ويو آهي، پيڪا ايڪٽ تحت لکڻ ۽ ڳالهائڻ تي پابندي آهي. موجوده اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪمرانن آئين کان مٿاهان قدم کڻي گهٽ وارو ماحول پيدا ڪري ڦرلٽ جي بازار گرم ڪري رکي آهي. هن چيو ته 26 هين ترميم ڪري عدالتي نظام کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ ڪيو ويو، پ پ 26 هين ترميم جو حيدرآباد ۾ جشن ملهايو. هن چيو ته سنڌ لاءِ سوچيندڙ ۽ جدوجهد ڪندڙن جو ساٿ ڏنو وڃي، انهن جو هٿ ونڊايو وڃي ڇو ته پنهنجو هي تاريخي وطن وڏن خطرن ۾ آهي، انهن خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وڏي جدوجهد ۽ ٻڌي جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسان جو ساٿ ڏيو ته جيئن پنهنجي ايندڙ نسلن کي هڪ خوشحال ۽ سرسبز سنڌ ڏيون جنهن ۾ سڀني کي سماجي، سياسي آزادي ۽ اظهار راءِ جي آزادي هجي. هن چيو ته سائين جي ايم سيد ايندڙ نسلن کي پنهنجي لکڻين ۽ تجويزن ذريعي سوچڻ تي مجبور ڪيو ۽ سياسي شعور ڏنو. هن چيو ته اسان سنڌو درياهه لاءِ نڪتاسين ته سڄي سنڌ روڊن تي اچي اسان جو استقبال ڪيو، 2012ع ۾ جڏهن پ پ حڪومت سنڌ کي ورهائڻ جي سازش ڪئي ته سنڌ انهن کي فيصلو واپس وٺن تي مجبور ڪيو. سنڌ جا ماڻهو پنهنجن قومن مفادن جو تحفظ ان انداز سان مستقل مزاجي سان ڪندا رهيا ته سنڌ دشمن قوتن کي پوئتي هڻٽو پوندو. هن چيو ته جيڪڏهن سنڌو درياهه مٿان ڪئنال ٺهندا ته لکين ماڻهو دربدر ٿيندا، سنڌ جو پاڻي ختم ٿي ويندو، سنڌو درياهه تي ڪو به ڊيم ۽ ڪينال برداشت نه ڪنداسين، ايندڙ نسلن کي سنڌو درياهه وهندڙ ڏيڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته سنڌ جو جر خراب آهي، سنڌو درياهه ئي سنڌ جي ماڻهن جو واحد جياپو آهي، پر ايوان صدر ۾ ويٺل صدر فيصلا ڪري ٿو ته سنڌو درياهه مان نوان ڪينال ڪڍيا ويندا ته جيئن سنڌ جا ماڻهو دربدر ٿين. ايس يو پي اڳواڻ امير علي ٿيٻو چيو ته سنڌ جي ماڻهن سيد زين شاهه جي اڳواڻي ۾ ڪينالن خلاف جدوجهد ڪري حڪمرانن کي فيصلو واپس وٺڻ تي مجبور ڪيو، پر اڃا به سنڌو درياهه جي تحفظ لاءِ جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسان کي نتيجا تڏهن ملندا جڏهن اسان حڪمرانن جي رستا روڪ ڪنداسين. ايس يو پي اڳواڻ اصغر قريشي چيو ته وڏيرا ۽ سردار ايوانن ۾ ويهي سنڌ جي ڦرلٽ ڪري رهيا آهن. هن چيو ته درياهن جو وهڻ فطري آهي، سنڌو درياهه اڳيان بند ٻڌي ان کي روڪي نٿا سگهو، درياهه جو سمنڊ سان ملڻ فطري آهي. ان موقعي تي ايس يو پي اڳواڻ گل بيگ ڇلگري ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو، اورنگزيب خان ايس يو پي ۾ شموليت اختيار ڪئي. قومي ڪچهري واري تقريب ۾ قمرزمان راڄپر، بدر چنا، رمضان ٻرڙو، سميع چانڊيو، رسول بخش لغاري، رياض مگسي عبدالمجيد ملاح ۽ ٻين شرڪت ڪئي.