ملتان (م ڊ) ملتان جي مقامي عدالت قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر جمشيد دستي کي جعلي ڊگري ڪيس ۾ 7 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي، ايم اين اي اين اي–175 مظفر ڳڙهه تان چونڊيل جمشيد دستي تي الزام هو ته هن چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ جعلي تعليمي سندون جمع ڪرايون هيون، اليڪشن ڪميشن جي درخواست تي عدالت ثبوت ۽ دليل ٻڌڻ بعد ڏوهه ثابت ٿيڻ تي سزا ٻڌائي وئي، ياد رهي ته اسپيڪر قومي اسيمبلي جي ريفرنس تي اليڪشن ڪميشن اڳ ۾ ئي جمشيد دستي کي نااهل قرار ڏئي چڪي آهي، جڏهن ته ڪيس ڪيترن سالن کان ٻڌڻي هيٺ هو، عدالت چيو ته عوامي نمائندن لاءِ شفافيت لازمي آهي ۽ ڀڃڪڙي تي قانوني ڪارروائي ٿيندي، جمشيد دستي هن فيصلي کي سياسي انتقام قرار ڏنو آهي، سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ چيو ته مخالفن سازش ڪري سياست مان ٻاهر رکڻ چاهيو پئي چاهيو پر مان اپيل ڪندس.