سنڌ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي پاران مڪاني ادارن جي ڪارڪردگي تي بي اعتمادي ظاهر

ڪراچي(رپورٽر )سنڌ اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي سڄي سنڌ جي يوسيز، ٽائون ۽ ميونسپل ڪاميٽين، ميونسپل ڪارپوريشنز سميت سنڌ جي سمورين لوڪل ڪائونسلن جي ڪارڪردگيءَ تي عدم اعتماد جو اظهار ڪندي سنڌ جي سڀني لوڪل ڪائونسلن کان او زي ٽي فنڊز جي استعمال جي ماهوار رپورٽ گھري ورتي آهي جڏهن ته پي اي سي سنڌ جي سڀني لوڪل ڪائونسلن کي سنڌ حڪومت طرفان ساليانو جاري ٿيندڙ 168 ارب رپين جي او زي ٽي فنڊز جي استعمال ۽ خرچن جا تفصيل جمع ڪرائڻ جو پڻ حڪم ڏنو آهي، پي اي سي خزاني واري کاتي ۽ بلديات کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته جيڪي لوڪل ڪائونسلون او زي ٽي فنڊز جي استعمال بابت ماهوار رپورٽ جمع نه ڪنديون تن کي او زي ٽي فنڊز جاري نه ڪيا وڃن،پي اي سي چيئرمين نثار کھڙو چيو ته سنڌ حڪومت سنڌ جي لوڪل ڪائونسلن کي ساليانو او زي ٽي جي مد ۾ 168 ارب رپيا ڏئي رهي آهي پر اها رقم ڪٿي ۽ ڪيئن خرچ ٿي رهي آهي ان بابت ڪجهه معلوم نه ٿو ٿئي، تنهن ڪري لوڪل ڪائونسلن کي کليل ڇوٽ نه ٿي ڏئي سگهجيهن  چيو ته سنڌ حڪومت لوڪل ڪائونسلن کي ساليانو 168 ارب رپيا او زي ٽي فنڊ جاري ڪري رهي آهي جن ۾ 80 ارب رپيا ترقياتي بجيٽ به شامل آهي پر لوڪل ڪائونسلون 168 ارب رپين مان 30 سيڪڙو به ترقياتي ڪم تي خرچ نه پيون ڪن، جنهن ڪري ڪارڪردگي تي عوام سوال ڪري رهيو آھي ايڊيشنل سيڪريٽري ٻڌايو ته لوڪل ڪائونسلون فنڊن جي استعمال واري رپورٽ نٿيون موڪلين۔ چيئرمين چيو ته جيڪڏهن لوڪل ڪونسلون او زي ٽي فنڊز جي استعمال جي رپورٽ نه موڪلين ته پوءِ ڪيئن معلوم ٿيندو ته اهي فنڊ ڪٿي ۽ ڪيئن خرچ ٿي رهيا آهن؟ ايڊيشنل سيڪريٽري ٻڌايو ته بلديات کاتي جي ريجنل ڊائريڪٽرن جو ڪم آهي ته هو پنهنجي ڊويزن جي لوڪل ڪائونسلن جي انسپيڪشن ڪن۔ڪميٽي ميمبر قاسم سراج سومرو چيو ته ڪيترين ئي يوسيز ۽ ٻين لوڪل ڪائونسلن ۾ ته 15 منٽن ۾ او زي ٽي رقم ڪڍرائي  ويندي آهي ۽ ٻئي ڏينهن آفيسر بدلي ٿي ويندو آهي۔ چيئرمين نثار کھڙو چيو ته جيڪڏهن لوڪل ڪونسلون عوام جي ٽيڪس جا پئسا عوام جي ڀلائيءَ لاءِ خرچ نه ڪنديون ته پوءِ جواب به انهن کان وٺنداسين، پر بدنامي سنڌ حڪومت ڇو کڻي؟ تنهن ڪري اهو نه ٿي سگهي ته سنڌ حڪومت ساليانو 168 ارب رپيا ڏئي ۽ بدنامي به سهي۔ هاڻي او زي ٽي جي رقم استعمال رپورٽ پيش ڪرڻ تي جاري ٿيندي۔ پي اي سي سيلز ٽيڪس جا 70 لک رپيا سرڪاري خزاني ۾ جمع نه ڪرائڻ تي گمبٽ ميونسپل ڪميٽي جي چيف ميونسپل آفيسر کي معطل ڪرڻ جو پڻ حڪم ڏنو۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.