سٺي ساک رکندڙ ڊي جي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي شاهه مير ڀٽو کي هٽايو ويو

ڪراچي(رپورٽر) ڊائريڪٽر جنرل سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي (ايس بي سي اي) شاهه مير ڀٽو کي عهدي تان هٽايو ويو آهي. سنڌ حڪومت پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، شاهه مير ڀٽو جي جاءِ تي مزمل حسين هاليپوٽو کي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جو نئون ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪيو ويو آهي. نئون ڊي جي، مزمل حسين هاليپوٽو، ان کان اڳ سوشل پروٽيڪشن کاتي ۾ سيڪريٽري طور مقرر هو. شاهه مير ڀٽو کي 4 جولاءِ تي لياري ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي کانپوءِ اسحاق کهڙي جي جاءِ تي مقرر ڪيو ويو هو. ٻئي پاسي ذريعن موجب، شاهه مير ڀٽو پنهنجي مقرري دوران نه ڪو نقشو منظور ڪيو ۽ نه ئي غيرقانوني تعميرات جي اجازت ڏني. کيس کاتي جي اندر موجود ڪارين رڍن خلاف ڪارروائي جو ٽاسڪ ڏنو ويو هو. سندس دور ۾ ايس بي سي اي جي ڪيترن ئي آفيسرن خلاف ڪيس به داخل ٿيا. ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته شاهه مير ڀٽو جي مقرري دوران ايس بي سي اي جا 16 آفيسر گرفتار به ڪيا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.