ڪراچي (رپورٽر) اليڪشن ڪمشنر سنڌ جي ترجمان ٻڌايو آهي ته سنڌ جي 14 ضلعن ۾ ضمني مڪاني چونڊون سڀاڻي 24 سيپٽمبر تي ٿينديون. چونڊن لاءِ 2 ميمبر ڊسٽرڪٽ ڪائونسل، 6 چيئرمين، 7 وائيس چيئرمين ۽ 13 جنرل وارڊ سيٽون رکندڙ اميدوار ميدان ۾ هوندا. چونڊ عمل لاءِ 14 ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر، 21 رٽرننگ آفيسر ۽ 21 اسسٽنٽ رٽرننگ آفيسر مقرر ڪيا ويا آهن، جڏهن ته 243187 ووٽر رجسٽرڊ آهن. 167 پولنگ اسٽيشنن مان 127 انتهائي حساس، 34 حساس ۽ 6 نارمل قرار ڏنل آهن. 1512 پرزائيڊنگ آفيسر، اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر ۽ پولنگ آفيسر فرض نڀائيندا. ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، شڪارپور، قمبر شهدادڪوٽ، نوشهرو فيروز، شهيد بينظير آباد، ٿرپارڪر، ٽنڊو الهيار، سجاول ۾ اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿيڻ تي اتي پولنگ نه ٿيندي.