هڪ ڌرتي جيڪا ڪڏهن درياءِ سنڌ جي طاقتور نظام سان پروان چڙهي هئي، جنهن کي گليشيئرن ۽ برساتن جي وسڪاري سان پاليو ويو هو، اڄ پاڻي ۽ خوراڪ جي تحفظ جي سنگين مسئلن سان جهيڙي رهي آهي۔ 2010ع، 2022ع ۽ هاڻي 2025ع جا تباهه ڪن سيلاب ملڪ جي معاشي بقا کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي۔ سڄا سڄا ضلعا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، لکين ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن ۽ اربين جو نقصان ٿي ويو آهي۔ سڀ کان ڳڻتي جهڙي ڳالهه اها آهي ته الزام دريائن جي بي رحمي يا آبهوا جي تبديلي تي وڌو وڃي ٿو، جڏهن ته حقيقت اها آهي ته اصل ڏوهاري اهي ادارا آهن جيڪي قوم کي سيلاب جي تباهڪاري کان بچائڻ لاءِ ٺاهيا ويا هئا، پر جن جي بي حسي، بدعنواني ۽ نااهلي سڀني کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي. سڄي دنيا ۾ يونيورسٽيز ۽ تحقيقي ادارا "حل جا ڪلينڪ” طور ڪم ڪن ٿا۔ اهي مسئلن جو مطالعو ڪرڻ سان گڏ سندن تشخيص، نيون ايجادون ۽ علاج به تجويز ڪن ٿا۔ اهي ٻوڏ جي اڳڪٿي ڪن ٿا، آبپاشي جي نظام کي نئين سر ترتيب ڏين ٿا، پاڻيءَ جي تڪرارن ۾ٽياڪڙي ڪن ٿا ۽ حڪومتن کي تحقيق جي بنيادن تي رهنمائي ڪن ٿا۔ نيڊرلينڊس TU Delft ۽ Deltares جي مدد سان دنيا جي سڀ کان وڌيڪ سيلاب کان بچاءُ ڪندڙ قوم بڻجي ويو جنهن پنهنجا ماڊل بنگلاديش، ويٽنام ۽ هريڪين ڪٽرينا کان پوءِ نيو اورلينز تائين برآمد ڪيا۔
اسرائيل جي يونيورسٽيز ڊرپ ايريگيشن جو آغاز ڪيو جنهن ريگستانن کي سرسبز بڻائي ڇڏيو۔ ڀارت جي IIT روڙڪي، IIT ڪنپور ۽ IIT کڙگپور انجنيئرن جون نسلون تيار ڪيون جن ڊيم ڊزائين ڪيا، آبپاشي کي نئين سر منظم ڪيو ۽ زميني پاڻيءَ جي سنڀال جو نظام ٺاهيو۔ آڪسفورڊ، اسٽاڪ هوم انٽرنيشنل واٽر انسٽيٽيوٽ ۽ ڪولوراڊو يونيورسٽي جهڙا ادارا آبي سائنس کي سفارتڪاري ۾ تبديل ڪري درياءِ نيل، ميڪونگ ۽ ڪولوراڊو جي تڪرارن ۾ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪن ٿا۔ اهي ادارا علم کي امن ۽ تحفظ ۾ بدلائن ٿا۔ پر پاڪستان جي ڪهاڻي الڳ ۽ ڏکوئيندڙ آهي۔ 133 کان وڌيڪ انجنيئرنگ يونيورسٽيز ۽ خاص ادارا جهڙوڪ سينٽر آف ايڪسيلنس ان واٽر ريسورسز انجنيئرنگ (لاهور)، مهراڻ يونيورسٽي جو آمريڪا-پاڪستان واٽر ريسرچ سينٽر، ۽ زرعي يونيورسٽي فيصل آباد جو واٽر مينيجمينٽ سينٽر هجڻ باوجود ملڪ وٽ ڏيکارڻ لاءِ ڪا اهم تحقيق ناهي۔ اهي ادارا جيڪي عملي تحقيق جا مرڪز هئڻ گهرجن ها، اڄ ناڪاميءَ جون يادگار بڻجي ويا آهن۔ عاليشان عمارتون، جديد ليبارٽريون، غير ملڪي تعليم يافته فڪلٽي ۽ وڏيون تنخاهون، پر ڪارڪردگي صفر۔ نتيجي ۾ رڳو ٿورا اڪيڊمڪ پيپرز جيڪي زميني حقيقتن سان لاڳاپو ئي نٿا رکن۔ ٻاهرين ملڪن جون يونيورسٽيز اهڙا ماڊل ۽ پاليسيون ٺاهيون جن سان انساني زندگيون بچيون، پر پاڪستان جا سينٽر آف ايڪسيلنس اڌ صدي کان پوءِ به ٻوڏ جي حدبندي ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا۔
درياءِ راوي جي ڪنارن تي رهائشي سوسائٽيون ٺهي ويون، درياءِ سوات جي ڪنارن تي غير قانوني هوٽلن جا جهنڊ لڳي ويا۔ جڏهن پاڻيءَ جا ريلها آيا ته بغير زون ڪيل پشتا ڪاغذ جي ڀتين وانگر ڪري پيا۔ سال به سال ساڳيو تباهه ڪار منظر ورججي ٿو پر ادارا خاموش آهن۔ ان خالي جاءِ ۾ موقع پرستن قدمي رکيو۔ ڏهاڪي کان وڌيڪ وقت تائين پاڪستان جي آبهوا واري بحث کي وزير ۽ پاڻ ٺهرايل "ماهرن” هائي جئڪ ڪري ڇڏيو۔ انهن گليشيئرن جي ڳرڻ جو راڳ ڳايو ۽ عالمي سطح تي گمراهه ڪيو۔ جڏهن ته حقيقت گهڻو پيچيده هئي۔ قراقرم اناملي‘ هڪ اهڙو تصور آهي جيڪو 1980ع ۾ ماهر جغرافيه ڪينٿ هيئوٽ ڏنو هو، جنهن ۾ قراقرم جا گليشيئر عالمي طرز جي ابتريءَ جي ابتڙ مستحڪم رهڻ يا وڌڻ جي ڳالهه ڪئي وئي هئي۔ بعد ۾ سائنسدانن جا مطالعائون ٻڌائين ٿا ته هاڻي اهو به خطري ۾ آهي۔ پر پاڪستان ۾ ماهرن جون سائنسي آوازن کي وساري سياسي نعرا مٿاهين ٿي ويا۔ وزير ۽ نام نهاد ماهر آبهوا کي ذاتي مفادن جي صنعت بڻائي ڇڏي۔ گليشيئر پگھلڻ جو منتر ورجايو پر ادارن جي نااهلي کي لڪائي ڇڏيو۔
هائر ايجوڪيشن ڪميشن به سڌي تحقيق بدران غير لاڳاپيل ميٽرڪس ۽ "ايمپيڪٽ فيڪٽر” جرنلن جي پويان لڳي وئي۔ ترقيون ۽ عزت بيڪار پيپرن سان لاڳاپيل رهيون پر ملڪ جي بحرانن سان واسطو ئي نه رهيو۔ سيلاب جي اڳڪٿي لاءِ ماڊل ٺاهڻ، ڊيمز جي ضرورت يا آبپاشي بهتر ڪرڻ جهڙن ڪم کي اهميت ئي نه ڏني وئي۔ 2011ع ۾ پراڻن سائنسي اوزارن جي مرمت جهڙا بيڪار منصوبا فنڊ کڻي ويا ۽ سندن سربراهه وائيس چانسلر بڻجي ويو۔ ٻئي پاسي دنيا جون يونيورسٽيز حل تيار ڪنديون رهيون۔ ڪيپ ٽائون يونيورسٽي ڊيمانڊ مينيجمينٽ حڪمت عملي سان شهر کي پاڻيءَ جي بحران کان بچايو۔ چين اسپنج شهرن جو نظام آندو جنهن سان شهري سيلاب کي سنڀاليو ويو۔ جڏهن ته پاڪستان جون يونيورسٽيز بيماري ۽ مريض ٻنهي کان منھن موڙي بيٺيون۔ پاڪستان ۾ في ماڻهو پاڻيءَ جي دستيابي 750 ڪيوبڪ ميٽر ساليانو کان هيٺ ڪري وئي آهي، جيڪو پوري قلت ڏانهن وٺي وڃي ٿو۔ زراعت اڃا تائين سيلابي آبپاشي تي ڀاڙيل آهي، پيداوار گهٽ ۽ پاڻيءَ جو زبردست ضايع۔ ذخيره گنجائش بمشڪل 30 ڏينهن آهي جڏهن ته تجويز ڪيل 120 ڏينهن هجڻ گهرجي۔
زميني پاڻي ضايع ڪيو ويو، انڊس بيسن جو پاڻي ختم ٿي رهيو آهي ۽ جيڪو بچيو آهي سو گندلاڻ جي ور چڙهي ٿو۔ شهرن ۾ ٻار آلودگي ڀريو پاڻي پيئن ٿا، ڳوٺن ۾ هاري نمڪين پاڻي سان زمينون تباهه ڪري رهيا آهن۔ ان هوندي به ڪا به يونيورسٽي زميني پاڻيءَ جي نگرانيءَ جو نظام يا قومي پاليسي تجويز نه ڪري سگهي آهي۔ ها، موسمياتي تبديلي حقيقت آهي، پر آفتن کي روڪڻ لاءِ ادارن جي نااهلي ئي اصل الميو آهي۔ ٻيا ملڪ نقشا، ماڊل ۽ موافقت جو ڍانچو ٺاهين ٿا، پر پاڪستان ۾ ٻوڏ اوچتو حملي وانگر اچي پون ٿا ڇو ته ادارا پنهنجو ڪم نٿا ڪن۔ سڀ کان خطرناڪ غفلت سنڌ طاس معاهدي جهڙي تاريخي معاهدي تي آهي۔ اڄ ڪي لاپروا آواز ان کي ختم ڪرڻ جا نعرا هڻي رهيا آهن گويا معاهدو ڦاڙڻ سان بحران حل ٿي ويندو۔ پر حقيقت ۾ ان سان بحران وڌندو۔ پاڪستان کي هن وقت سائنسي وضاحت، علم ۽ حل جي ضرورت آهي پر ان جي جاءِ تي خالي بحث مباحثا، ڊيمز تي جهيڙا ۽ غير سائنسي دليلن جو شور آهي۔
اصل ۾ سڀ کان وڏي ناڪامي يونيورسٽيز ۽ تحقيقاتي ادارن جي آهي جيڪي قوم جا محافظ هجڻ گهرجن ها پر ناڪاميءَ جا يادگار بڻجي ويا آهن۔ ان خالي جاءِ ۾ اين جي اوز، پاڻ ٺهرايل صحافي ۽ جعلي ماهر پاڻ کي نجات ڏيندڙ طور پيش ڪن ٿا پر حقيقت ۾ ميڊيا ذريعي رڳو انتشار ڦهلائين ٿا۔ پاڪستان جو آبي بحران ناگزير نه آهي۔ هي فطرت جي سختيءَ جو نتيجو نه پر انساني نااهلي ۽ غفلت جو الميو آهي۔ عطيو ڏيندڙن کي گهرجي ته پاڪستان جي واٽر سينٽرز ۽ 2000ع کان 2025ع تائين هائر ايجوڪيشن ڪميشن ۾ ڪم ڪندڙ هر فرد جو حساب ڪتاب وٺن۔ ان کانسواءِ ڪجهه به نه بدلبو۔
پاڪستان جو اصل الميو اهو ناهي ته فطرت سخت آهي، پر اهو آهي ته علم جي روشني وسائي وئي آهي ۽ اهل علم جي آواز کي دٻائي ڇڏيو ويو آهي۔ اهي يونيورسٽيز جيڪي مسيحا هجڻ گهرجن ها، سي بحران جو ڪارڻ بڻجي ويون آهن۔ جيستائين پاڪستان دنيا کان سکندو نه ۽ پنهنجن ادارن کي حقيقي ذميوار بڻائيندو نه، تيستائين ٻوڏن جي بحران مان نڪري نه سگهبو.