فنڪارن جو احتجاج ۽ شاهه جي رسالي جي بي حرمتي

تحرير: دوست علي مهر

گذريل ڏينهن ڪراچي پريس ڪلب آڏو هڪ اهڙو منظر ڏسڻ ۾ آيو، جنهن سنڌ جي دل کي ڏک ۽ رتورت ۾ ڀري ڇڏيو. سنڌ جا فنڪار، جيڪي پنهنجي سازن ۽ سرن سان صدين کان محبت، امن ۽ سنڌيت جو پيغام ڏيندا آيا آهن، انهن کي “جوائننگ آرڊر” لاءِ احتجاج ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو. ساز وڄندا رهيا، آواز اٿندا رهيا، ۽ فنڪار سنڌ اسيمبلي ڏانهن معيارون ڏيندي وڌيا ته:

"آسرن ۾ اسان کي رلائي ڇڏيئي، ۽ تنهنجي ڪوڙن ڪوڙن واعدن تي اعتبار ڪيم.”

اهو احتجاج فنڪارن جو ڪو پهريون احتجاج نه هو. سنڌ جي فنڪارن جون ساڳيون دانهن وقت بوقت درگاهن ۽ ايوانن ۾ گونجنديون رهيون آهن ـ ڪڏهن سائين جي ايم سيد جي در تي، ڪڏهن سچل سرمست جي آستاني تي، ته ڪڏهن شاه لطيف جي مزار تي. پر افسوس، انهن جي صدا سدائين سياستدانن جي ڪوڙن آسرن ۽ اعلانن جي ڌوڙ ۾ دٻجي وئي.

تازو ئي ٽي مهينا اڳ تعليم جي وزير سردار شاه پنهنجي وفد سان گڏ فنڪارن کي پڪ ڏني هئي ته ٻن مهينن اندر کين “جوائننگ آرڊر” ڏنا ويندا. پر اهو به رڳو هڪ اعلان ئي ثابت ٿيو. جيئن هميشه ٿيندو آيو آهي، فنڪار وري به ڌوڪو کائي، مايوسي جي ڌن ۾ ويڙهيا پيا آهن. فنڪارن تي تشدد ٿيڻ، کين رلائڻ ۽ سندن روزگار تي وار ڪرڻ رڳو فردي مسئلو نه آهي، پر اها سنڌ جي سڃاڻپ تي حملو آهي. فنڪار سنڌ جي ثقافتي وجود جا نمائندا آهن، ۽ سندن سرن ۾ سنڌ جي تاريخ، تهذيب ۽ محبت سان ڀرپور داستان سمايل آهن.

ان کان به وڌيڪ ڏک ڏيندڙ ڳالهه اها آهي ته ساڳئي وقت شاه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي جي بي حرمتي جو واقعو به پيش آيو. پوليس تشدد دوران نه صرف رسالو اڇلايو ويو پر فنڪارن جا ساز به ٽوڙيا ويا، جن ۾ سندن سڃاڻپ جو وڏو علامتي ساز ـ يڪتارو ـ به شامل هو. اهو عمل رڳو فنڪارن تي نه پر سڄي سنڌي ثقافت تي حملو هو.شاهه لطيف پاڻ پنهنجي رسالي جي عظمت بابت چوي ٿو:

"جي تو بيت ڀانئيا سي آيتون آهن،

نيومن لائين پريان سندي پار ڏي.”

يعني، جيڪڏهن تون بيتن کي سمجهندين ته اهي توکي اهڙي رهنمائي ڏيندا جيئن آيتون ڪن ٿيون، ۽ توکي دنيا کان آخرت تائين سچائيءَ جي راهه ڏي وٺي هلندا. ان ڪري رسالي جي بي حرمتي اصل ۾ اسان جي روحاني سرچشمي تي حملو آهي  جيڪڏهن  ثقافت جي وزير ذوالفقار علي شاهه کي ثقافت نالي جو مطلب به خبر آهي ته اسان جي سنڌ جي عظيم پيشوا شاھ لطيف جي رسالي بي حرمتي جو فوري نوٽيس وٺي زميوارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ گهرجي. ٻي صورت ۾ استعفا ڏئي گهر ڀيڙو ٿيڻ گهرجي.

هاڻي سوال اهو آهي ته ڇا اسان جي حڪمرانن لاءِ فن، ادب ۽ ثقافت جي ڪا اهميت باقي رهي آهي؟ ڇا سياستدانن جا اعلان صرف وقت گذارڻ لاءِ هوندا آهن؟ ۽ ڇا سنڌ جا ماڻهو پنهنجي فنڪارن ۽ پنهنجي روح جي علامتن لاءِ خاموش رهندا؟ فنڪارن تي ٿيندڙ ظلم ۽ شاه جي رسالي جي بي عزتي اسان سڀني لاءِ هڪ وڏو امتحان آهي. اسان کي آواز اٿارڻو پوندو، فنڪارن جي حقن لاءِ به ۽ پنهنجي روحاني سرمايي لاءِ به. ڇو ته فنڪار ۽ شاه جو رسالو، ٻئي سنڌ جي وجود جا ساهاڻا آهن. فنڪارن جي عزت بچائجي، شاه جي رسالي جي حرمت بچائجي ـ ڇو ته اهي ئي سنڌ جي ڌڙڪن ۽ سڃاڻپ آهن.

تازو ئي ٽي مهينا اڳ تعليم جي وزير سردار شاه پنهنجي وفد سان گڏ فنڪارن کي پڪ ڏني هئي ته ٻن مهينن اندر کين “جوائننگ آرڊر” ڏنا ويندا. پر اهو به رڳو هڪ اعلان ئي ثابت ٿيو. جيئن هميشه ٿيندو آيو آهي، فنڪار وري به ڌوڪو کائي، مايوسي جي ڌن ۾ ويڙهيا پيا آهن. فنڪارن تي تشدد ٿيڻ، کين رلائڻ ۽ سندن روزگار تي وار ڪرڻ رڳو فردي مسئلو نه آهي، پر اها سنڌ جي سڃاڻپ تي حملو آهي. فنڪار سنڌ جي ثقافتي وجود جا نمائندا آهن، ۽ سندن سرن ۾ سنڌ جي تاريخ، تهذيب ۽ محبت سان ڀرپور داستان سمايل آهن. ان کان به وڌيڪ ڏک ڏيندڙ ڳالهه اها آهي ته ساڳئي وقت شاه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي جي بي حرمتي جو واقعو به پيش آيو. پوليس تشدد دوران نه صرف رسالو اڇلايو ويو پر فنڪارن جا ساز به ٽوڙيا ويا، جن ۾ سندن سڃاڻپ جو وڏو علامتي ساز ـ يڪتارو ـ به شامل هو. اهو عمل رڳو فنڪارن تي نه پر سڄي سنڌي ثقافت تي حملو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.