رياض(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي سعودي عرب پهچي ويو آهي.
رياض پهچڻ تي سعودي ايئر فورس طرفان وزيراعظم جو شاندار آڌر ڀاءُ ڪيو ويو، جڏهن ته کيس 21 توپن جي سلامي پڻ ڏني وئي.
وزيراعظم شهباز شريف شاندار استقبال تي سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جا ٿورا مڃيا.
وزيراعظم جي سعودي ولي عهد سان ملاقات به رٿيل آهي، جنهن دوران ٻنهي ملڪن جي ٻطرفن لاڳاپن بابت ڳالهيون ٿينديون.
You might also like