سٺ ڪروڙ ماليت جي ٺڳيءَ واري ڪيس ۾ نيها ڌوپيا ۽ بپاشا باسوءَ جا نالا به سامهون اچي ويا

ممبئي (ويب ڊيسڪ) راج ڪُندرا جي 60 ڪروڙ رپين جي فراڊ ڪيس ۾ بالي ووڊ اداڪارا نيها ڌوپيا ۽ بپاشا باسو جو نالو پڻ سامهون آيو آهي.
باليووڊ اداڪارا شلپا شيٽي جي مڙس ۽ ڪاروباري شخصيت راج ڪندرا خلاف 60 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جي ٺڳيءَ واري ڪيس جي جاچ هلندڙ آهي.
اِهو ڪيس سندس اڳوڻي ڪمپني سان جُڙيل آهي ۽ ممبئي پوليس جي اڪنامڪ آفينسز ونگ (اِي او ڊبليو) طرفان ان معالي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، راج ڪندرا جاچ ٽيم کي ٻڌايو ته ڪمپني جي گڏ ڪيل فنڊ جو هڪ وڏو حصو اشتهاري مهم تي خرچ ڪيو ويو، جنهن ۾ اٽڪل 20 ڪروڙ رپيا پروموشن، سيليبرٽي اينڊورسمنٽ ۽ نشرياتي خرچن تي لڳايا ويا.
جاچ دوران، راج ڪندرا دعويٰ ڪئي ته بالي ووڊ اداڪارائون بپاشا باسو ۽ نيها ڌوپيا پڻ انهن پروموشنل سرگرمين جو حصو هيون، جن کي ادائيگيون ڪيون ويون ۽ ڪجهه تصويرون پڻ ثبوت طور جمع ڪرايون ويون.
سندس بيان جي هنيئر تائين آزاداڻي نموني تصديق نه ٿي سگهي ته ادائيگيون واقعي ٿيون يا اداڪارائون ڪمپني جي مبينا مالي گهوٻين کان واقف هيون.
رپورٽ موجب، اِي او ڊبليو راج ڪندرا طرفان فراهم ڪيل دستاويز ۽ ڪمپني جي رڪارڊ جو جائزو وٺي رهي آهي ته اها تصديق ڪري سگهجي ته دعويٰ ڪيل پروموشنل سرگرميون واقعي انجام ڏنل هيون يا نه.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.