نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ميڊيا پنهنجي ٽيم جي ايشيا ڪپ کٽڻ کان اڳ ئي شوشو ڇڏيو آهي ته ڪپتان سوريا ڪمار يادو فائنل کٽڻ جي صورت ۾ ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي چيئرمين محسن نقوي هٿان ٽرافي نه وٺندو.
ايشيا ڪپ ۾ پاڪستان ۽ ڀارتي رانديگرن جي وچ ۾ هٿ نه ملائڻ واري معاملي تان شروع ٿيل تڪرار شدت اختيار ڪري ويو آهي.
ڀارت طرفان پاڪ-ڀارت ميچ ۾ اسپورٽس مين اسپرٽ جي ڀڃڪڙي کانپوءِ هاڻي ايشيا ڪپ 2025 جي پڄاڻي واري تقريب کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
ڀارت ايشيا ڪپ 2025 جي فائنل ۾ پهچڻ کان اڳ ئي هڪ ٻيو شوشو ڇڏيو آهي.
ڀارتي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي ڪپتان سوريا ڪمار يادو ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل کي چيو آهي ته هو ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي چيئرمين محسن نقوي هٿان ٽرافي نه وٺندو.
ڀارتي ڪپتان طرفان ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل کان ٽورنامينٽ جي پڄاڻي واري تقريب ۾ اَي سي سي چيئرمين محسن نقوي کي نه سڏائڻ جو مطالبو به ڪيو ويو آهي.
You might also like