دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) جي ميچ ريفري اينڊي پاءِ ڪرافٽ پاڪستان ٽيم جي ڪپتان ۽ مئنيجر کان معافي وٺي ڇڏي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) موجب، آءِ سي سي جي تڪراري ميچ ريفري اينڊي پاءِ ڪرافٽ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي مئنيجر نويد اڪرم چيما ۽ ڪپتان سلمان علي آغا سان باظابطا طور معذرت ڪئي.
واضح رهي ته اينڊي پاءِ ڪرافٽ ڀارت ۽ پاڪستان جي ميچ ۾ ٻنهي ٽيم جي ڪپتانن کي هٿ ملائڻ کان روڪيو هو، جنهن تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سخت ردعمل جو اظهار ڪيو هو.
اينڊي پاءِ ڪرافٽ 14 سيپٽمبر واري واقعي کي ”مس ڪميونيڪيشن“ جو نتيجو قرار ڏيندي معذرت ڪئي.
آءِ سي سي به 14 سيپٽمبر واري ميچ دوران ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي ڀڃڪڙي بابت انڪوائري لاءِ راضپو ظاهر ڪيو آهي.
ايشيا ڪپ: پاءِ ڪرافٽ جي پاڪستان ٽيم جي ڪپتان ۽ مئنيجر کان معافي، آءِ سي سي معاملي جي جاچ لاءِ تيار
You might also like